
راج ڏاسواڻي
راج ڏاسواڻي: هند ۾ سنڌي زبان جي مشھور اديب، ڪهاڻيڪار، فلمساز، اداڪار ۽ ناٽڪ نويس راج ڏاسواڻي عرف راجن چاولا، 22 نومبر 1932ع تي، ڪوئيٽا، بلوچستان ۾ جنم ورتو. هن جو پيءُ ڏاسواڻي ڪٽنب مان ۽ ماءُ چاولا ڪٽنب مان هئي. 1935ع ۾ جڏهن ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو هو تہ هن جو سمورو ڏاڏاڻو ڪٽنب، ڪريل گهر هيٺان دٻجي ويو هو. ڏيڍ سال جو راج، ان رات ناني ۽ نانيءَ وٽ هو ان ڪري بچي ويو. پنهنجيءَ ڌيءَ جي هن اڪيلي نشانيءَ کي ڇاتيءَ سان لائي، هو کيس شڪارپور وٺي آيا ۽ کيس پنهنجو پٽ ڪري پاليائون. پنھنجي جيئري هنن کيس اها لکا پوڻ ڪانہ ڏني تہ هو ڪو سندن پٽ نه، بلڪ ڏوهٽو هو. سن 1983ع ۾ جڏهن هو اچي 51 سالن جو ٿيو، تڏهن وڃي کيس ان راز جي ڄاڻ پئي تہ جن کيس هيڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو، اهي سندس ماءُ پيءُ نه، بلڪ نانو ناني هئا ۽ هو چاولا نہ پر ڏاسواڻي هو.
راج ڏاسواڻي عرف راجن چاولا، انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جن ترقي پسند ڌارا جي مقابلي ۾، سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زمين ۽ نئون ميدان مهيا ڪيو. انهن ڪهاڻيڪارن جي ٽمورتيءَ- موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا- ڊسمبر 1960ع کان ’ڪونج‘ رسالي جي ايڊيٽريءَ جي جوابداري سنڀالي ۽ نئين ڌارا جي ڪهاڻين کي شايع ڪيو.
راجن، پنھنجي قائم ڪيل اداري، ’ساهت مالها‘ پاران 1962ع ۾، موهن ڪلپنا جو تنقيد تي ٻڌل تڪراري ڪتاب: ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ موهن ڪلپنا لکي ٿو: ”ان وقت مون گُني سامتاڻيءَ سان قسم کنيو هو تہ اڳيان هلي اسين سنڌي ادب ۾ نيون ڌارائون پيدا ڪنداسين. جلد ئي هن قسم نامي ۾ راجن چاولا بہ داخل ٿيو ۽ ان طرح ٽن ڄڻن جي هن مورچي کي ”Three angry young men of Sindhi Literature“ جو خطاب عطا ٿيو.“ راج کي نامور ڪهاڻيڪار ۽ نقاد لکمي کلاڻي، ’ڏمريل شخص‘ ڪوٺي ٿو.
راج ڏاسواڻي، هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر، فلمساز ۽ اداڪار آهي. هن جي ناول ’ٻہ ڪنارا ۽ هڪ فصلن ناٽڪن جي ڪتاب دل جو سهارو‘ پنھنجي دور ۾ وڏو چوٻولو پيدا ڪيو هو. سندس ناٽڪن جي ڪتاب جي مهاڳ ۾، پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکيو آهي تہ: راجن چاولا، گوبند مالهيءَ جي ناٽڪن ۾ ڪم ڪري نہ فقط ڪامياب ائڪٽر ثابت ٿيو آهي، پر اسٽيج جي اندروني ڪاروبار جو چڱو آزمودو پرايو اٿس، جنهن جي گواهي سندس ناٽڪ ڏين ٿا. ڪتاب ۾ شامل چار ناٽڪ جديد ايڪانڪي (One Act Play) جي اصولن تي ’اترن‘ ٿا.
پوئين صديءَ جي آخر ۾ راج جي شاعريءَ جو ڪتاب ’ٽامي جا ٽڪرا‘ ڇپيو، جنهن جي مهاڳ ۾ ڪرشن کٽواڻيءَ لکيو آهي تہ ”اڄڪلھہ جيڪو سنڌي ادب ڇپجي ٿو، ان مان لڳي ٿو تہ ساڌنا لاءِ هڪ عمر بہ ڪافي نہ آهي... هي هڪ دُور ديس ۾ رهندڙ سنڌيءَ جي اندر جا آواز آهن، جيڪو دور رهندي بہ ماضيءَ کان جدا نہ ٿيو آهي.“ جڏهن تہ لکمي کلاڻي لکي ٿو: ”لنڊن ۾ جلاوطني جا عذاب سهندي، پنھنجي اندر جو خالي پڻو شاعر کي پنھنجي جيجل سنڌ لاءِ جان نڇاوڻ ڪرڻ جي پريرڻا ’اتساھہ‘ ڏئي ٿو.
راج هنديءَ ۾ هڪ فلم ’اسڪي ڪهاني‘ ٺاهي جيڪا 1965ع ۾ رليز ٿي بسو ڀٽا چاريه جي هدايتڪاريءَ ۾ تيار ٿيل هن آرٽ فلم کي بنگال جرنلسٽ ائسوسيئيشن طرفان ان سال جي بھترين فلم جو اوارڊ مليو. راج ۽ سندس گهرواري گيتا راج، سنڌي ناٽڪن ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪندا هئا. راج، هري موٽواڻيءَ سان گڏجي ’هوجمالو‘ فلم ٺاهي هئي، جنهن جي هيروئن گيتا راج هئي. ڪونج فلمز طرفان تيار ٿيل هن فلم کي ڪافي مالي نقصان بہ سھڻو پيو. هن فلم کي جاري ڪرڻ ۾ پيش آيل مشڪلاتن جو هري موٽواڻيءَ، پنھنجي آتم ڪٿا ’آخري پنا‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي.
راج ۽ گيتا 1971ع ۾، ڀارت کي الوداع چئي هميشہ لاءِ لنڊن ڏانهن لڏي ويا. راج ڪشمڪش جا اهي پهريان سال، سيئرالون (افريقا) ۾ وڃي نوڪري ڪئي. هن طوفاني دور ۾ راج، گيتا ۽ سندن ٻارن هر مصيبت جو مقابلو بهادريءَ سان ڪيو ۽ اهو ڏکيو لڪ ٽپي پار پيا.
راج ۽ گيتا، اڳتي هلي لنڊن ۾ سنڌي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرمين ۾ نهايت برجستگيءَ سان حصو ورتو. ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، شاعري ۽ فلمون راج جي دلچسپي جو مرڪز رهيا آهن. راج لنڊن ۾ يارهين انٽرنيشنل سنڌي سميلين جو 2004ع ۾ چيف ڪوآرڊينيٽر رهي چڪو آهي. هن آل انڊيا پروگروسيو ڪلچر ۾ موومينٽ جي بينر هيٺ هلندڙ سنڌي ’يوٿ ليگ‘ جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪرايا. هن اسٽيج ۽ ڊرامن جا ڪيترا اسڪرپٽ بہ لکيا. برطانيا ۾
رهڻ دوران هن هڪ ايڪٽ وارا ڪيترا ڊراما لکيا، جن ۾ ’ڪمپيوٽر زال‘، ’ڊاڪٽر ڏوڪلاڻي‘، ’دل جو داستان‘، وغيرہ شامل آهن.
لنڊن ۾ راج ۽ گيتا جي پوکيل سنڌيت جو سلو اڄ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. اتي سنڌين جون گڏجاڻيون، صوفياڻيون چونڪيون ۽ ميلا لڳن ٿا. لنڊن جا ٻيا بہ ڪيترا سنڌي، سنڌيت هن ڪاروان ۾ شامل ٿي ويا آهن. لنڊن جي اڪثر ثقافتي پروگرامن جي روح روان گيت راج هوندي آهي هوءَ سنڌي جا ڪلاس هلائيندي آهي ۽ سنڌي ٻارن کان نرت (ناچ)، سنگيت ۽ ناٽڪ ڪرائيندي آهي. راج ڏاسواڻيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
(1) ٻہ ڪنارا (ناول)، (2) دل جو سهارو (ناٽڪ)، (3) ٽامي جا ٽڪرا (نثري ٽڪرا 2002ع)، (4) ريشمي ڌاڳا (ڪهاڻيون: 2000ع)، (5) هيمون ڪالاڻي (پنج فصلو ناٽڪ 2010ع)، (6) پڙاڏو پهرين پيار جو (ناول 2013ع)،
(7) غريبن جي جهوپري (منشي پريمچند جو ترجمو). ان کانسواءِ هن جو آتم ڪٿائي ناول ’ويٺي ورق ورايم‘ پڻ ڇپائي هيٺ آهي. هن جا سڀ ڪتاب ’ميراج ساهت مالها‘، ممبئيءَ ڇپايا آهن.
راج ڏاسواڻي ۽ گيتا راج کي چار ٻار- ٻہ پُٽ: اُميش ۽ آڪاش ۽ ٻہ ڌيئر: انيتا ۽ سُنيتا آهن.
1932.11.22 عيسوي
هند ۾ سنڌي زبان جي مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، فلمساز، اداڪار ۽ ناٽڪ نويس راج ڏاسواڻي عرف راجن چاولا، 22 نومبر 1932ع تي، ڪوئيٽا، بلوچستان ۾ جنم ورتو.