راجپال، بولچند وسو مل: بولچند وسو مل راجپال، ميان جي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾، 3 ڊسمبر 1902ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم بہ ميان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. ان زماني ۾ اسڪول ۾ يار محمد ٽانوريءَ جھڙا استاد ۽ عالم تعليم ڏيندا هئا، جن جي نظر هيٺ شاگرد باشعور ٿي نڪرندا هئا. اهڙيءَ طرح بولچند بہ قدم وڌائيندي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان سائنس ۾ گرئجوئيشن ڪري بي. ايس. سي (B.Sc) جي ڊگري ورتي. 1926ع ۾ شادي ڪري، وڏي ڀاءُ سان ڳوٺ ۾ ئي زمينداري ڪرڻ لڳو. ان ڌنڌي ۾ دل نہ لڳس تہ وڃي جيڪب آباد جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سائنس ماستر ٿيو. ٿوري عرصي بعد ’هندو جاتي‘ اخبار ۾ وشنو شرما سان گڏ صحافت ڪرڻ لڳو ۽ سب ايڊيٽر ٿي، بنا پئسي ڪم ڪندو رهيو. جنوري 1932ع ۾ پنھنجي ڳوٺ موٽي اچي پنهنجو رسالو جاري ڪري ساهت جي سيوا ڪرڻ جو سوچيائين. ائين سنڌو رسالو شڪارپور مان جاري ڪيائين. سيپٽمبر 1939ع کان ماڌو داس شوالو مل ساڻس ايڊيٽرشپ ۾ شامل ٿيو. جنوري 1942ع کان ناميارو شاعر هري دلگير هن رسالي جي ’نظم‘ جي ڀاڱي جو ايڊيٽر ٿيو. جنوري 1942ع کان ’سنڌو ٽرسٽ بورڊ‘ ٺاهي ’سنڌو‘ ۽ ’ڀارت پريس‘ ان جي حوالي ڪيا ويا.
بولچند راجپال کي ’سنڌو‘ رسالي سان وڏو عشق هو. هن ٻيءَ جنگ عظيم دوران ۽ ملڪي هلچل جي اثرن جي ڪري ڪاغذ جي مهنگائيءَ ۽ ڇپائيءَ جي مسئلن کي بہ منهن ڏيندي، ٿورن صفحن جي ضخامت ۾ بہ ’سنڌو‘ رسالي کي جاري رکيو ۽ ڪڏهن ميان جي ڳوٺ تہ ڪڏهن جيڪب آباد مان شايع ڪندو رهندو هو. سن 1947ع ۾ ’سنڌو‘ ڪراچيءَ مان ڪڍيائين. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب آگسٽ 1947ع جو آخري شمارو شايع ڪري هند هليو ويو ۽ اتي وڃي پيپل منڊي آگري مان 1954ع کان ان جي اشاعت شروع ڪيائين. 1957ع ۾ آگري کان دهليءَ وڃي آباد ٿيو تہ ’سنڌو‘ رسالو بہ دهليءَ مان پڌرو ڪيائين. دهليءَ مان دل اُچاٽ ٿيس تہ سهجپور احمد آباد ۾ وڃي وسيو تہ جنوري 1966ع کان سنڌو احمدآباد مان ماهوار بدران ٽماهي سنڌو ڪري ڪڍيائين ۽ مالي کوٽ سبب ٻہ سال هلائي کيس لاچار بند ڪرڻو پيو، جيڪا ڳالھہ بولچند راجپال لاءِ صدمي کان گهٽ نہ هئي. بولچند راجپال سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وفادار شيدائي ۽ شائق هو ۽ ان عشق ۾ گهر ٻاري ڏياري ڪري ڏيکاريائين ۽ هي ادب دوست شخص بي سر و سامانيءَ جي حالت ۾ 6 فبروري 1971ع تي سهجپور، احمدآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس رک مٽيءَ ماءُ سنڌ جي حوالي نہ ٿي سگهي.
1902.12.03 عيسوي
بولچند وسو مل راجپال، ميان جي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾، 3 ڊسمبر 1902ع تي ڄائو.
1971.02.06 عيسوي
هي ادب دوست شخص بي سر و سامانيءَ جي حالت ۾ 6 فبروري 1971ع تي سهجپور، احمدآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو