
راجا رفيق پنهور
راجا رفيق پنهور: راجا رفيق ولد محمد صديق پنهور 30 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، وڌيڪ تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. هن پنھنجي فني سفر جو آغاز 1992ع کان ڪيو. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ’ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي‘ هو، جيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادوءَ جي پارڪ ۾ پيش ڪيو ويو. راجا رفيق پنهور 1992ع کان اڄ تائين 30 کان وڌيڪ ڪري چڪو آهي، جن ۾ ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، بيروزگار عاشق، مجبور ماڻهو، جاهل انسان، شهيد، نواب خان، ظلم جي نگري، انتقام، پئسي جو ڪمال، مسٽر موالي، يارن سان ڪهڙا ليکا، تو کان ٿيندي ڌار، قيدياڻي، ظالم، پيار تان قربان، انڌو ٿو کيڏي اک ٻوٽ، محل جي راڻي، جهوپڙي، نياڻي، سزا پيار جي، عشق عبادت آ، انصاف ڪٿي آ وغيرہ شامل آهن.
راجا پنهور هن وقت تائين دادو کان علاوہ جوهي، اميناڻي شريف، ٿر ڙي جادو شهيد، ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن ڪي. ٽي. اين تي ’ماما لالو‘، ’ڪڏهن نہ ملنداسين‘، ’ڪارو سج‘، ۽ سنڌ ٽي. وي تي هن ’زندگي‘ نالي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو آهي. هن وڊيو فلمن ’شڪست‘، ’چڪرباز‘، ’دريا پار‘، ’حبدار علي‘ ۽ ٻين ۾ بہ پنهنجو فن پيش ڪيو آهي.
راجا رفيق پنهور سان قلمي ۽ فني خدمتن جي عيوض 1997ع ۾ شاهين الشهباز آرٽ ڪلب دادوءَ طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پارڪ دادوءَ ۾ هڪ رنگا رنگي شام ملهائي وئي. راجا رفيق پنهور کي هن فيلڊ ۾ مير قدرت ﷲ پنهور متعارف ڪرايو. هن فيلڊ ۾ سندس استاد عبدالله ملاح آهي. راجا رفيق پنهور ثقافتي ۽ فني دنيا کان علاوہ صحافت سان بہ وابستہ آهي. 1995ع ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي شوبز اخبار مھڪ ۽ ’فنڪار لوگ‘ سان بہ منسلڪ رهيو ۽ ان اداري بھترين ڪارڪردگيءَ سبب کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو تمغو عنايت ڪيو. هن روزانہ عوامي آواز ڪراچي ۽ روزانہ شام حيدرآباد ۾ بہ ڪالم لکيا آهن. راجا رفيق پنهور جو فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ آدم پنهور، سنڌي ادبي سنگت دادو سان بہ تعلق آهي. اهڙيءَ طرح راجا رفيق پنهور پنهنجون ثقافتي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. ان کان علاوہ ڪي.ٽي.اين تي بہ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
1972.03.30 عيسوي
راجا رفيق ولد محمد صديق پنهور 30 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو.