
رات منهنجي روح ۾
رات منهنجي روح ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل جي ڪهاڻين جو مجموعوآهي، جنهن جو پهريون ڇاپو جولاءِ 1978ع ۾ ’سھڻي پبليڪشن، حيدرآباد‘ ۽ ٻيو ڇاپو ’سڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي‘ پاران 1983ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ غلام نبي مغل جون 14 ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾ ٽائيٽل ڪهاڻي ’رات منهنجي روح ۾‘ بہ ڏنل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ’ڳالهيون‘ جي سري سان زيب سنڌيءَ جا ٻہ اکر لکيل آهن، جڏهن تہ غلام نبي مغل بابت طارق اشرف جو ٽن صفحن تي مشتمل نوٽ شامل آهي. نامور نقاد ۽ اديب ولي رام ولڀ غلام نبي مغل جي ڪهاڻين تي مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ: ”مغل جون ڪهاڻيون سنڌ جي شھري وچئين طبقي ۽ ٽٽل معاشري جون ڪهاڻيون آهن، جن جي قدرن جي شڪست جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي، ڪهاڻين ۾ منجهيل نفسيات جي ترجماني بہ آهي تہ بدلجندڙ انساني مزاج جي ڪڙاڻ به، ٽيڪنڪ جا تجربا بہ آهن تہ روايت کان بغاوت به، انهن سڀني گڏجي مجموعي طرح مغل کي هڪ اسٽائيل ڏنو آهي. اهي ڪهاڻيون دراصل هڪ ٽٽندڙ سماجي ڍانچي جي جيئرن مردن جا ويڻ آهن، جي اندر ۾ ڀور ڀور ٿيل آهن ۽ هڪ اهڙي وايو منڊل ۾ ساھہ ٿا کڻن، جتي وک وک تي ڇوٽڪاري لاءِ کوکلا ٽھڪ بہ آهن تہ ٿڌا شوڪارا بہ.“
ڪرائون سائيز جي هن 248 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 15 روپيا ڄاڻايل آهي.