رئيس عبداللطيف لطيف ناپر

رئيس عبداللطيف ’لطيف‘ ناپر: شاعر رئيس عبداللطيف ولد پير بخش ناپر جو جنم 15 ڊسمبر 1933ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور جي مشھور ورنيڪيولر اسڪول مان حاصل ڪئي. 1951ع ڌاري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان پاس ڪيائين، تنهن بعد ايل. ايل. بي جي سند حاصل ڪيائين.
شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’لطيف‘ هو. سندس شاعري مشھور ادبي رسالن: نئين زندگي، هلال پاڪستان ماهوار ايڊيشن ۽ ماهوار ’تقاضا‘ جي پرچن ۾ ڇپجندي رهي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا، جن ۾: (1) ’برھہ جي باھہ‘ ۽ (2) ’تحفة العاشقين‘ گهڻو مشھور ٿيا. سندس ڪلام موسيقيءَ جي محفلن ۾ گهڻو ڳايو ويندو هو.
هن جا ڪجهہ مشھور غزل ’سڏائي عاشق ٿو يار هرڪو، مگر نڀائي ڏسي تہ ڪوئي‘ ۽ ’پرڀات ٿي وئي آ، روئيندي هي رات ساري‘ اڄ تائين محفلن ۾ ڳاتا وڃن ٿا.
رئيس عبداللطيف ناپر 23 سيپٽمبر 1957ع تي شھيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.12.15  عيسوي

شاعر رئيس عبداللطيف ولد پير بخش ناپر جو جنم 15 ڊسمبر 1933ع تي شڪارپور ۾ ٿيو.


1957.09.23  عيسوي

رئيس عبداللطيف ناپر 23 سيپٽمبر 1957ع تي شهيد ٿي ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تراب بروهي
اياز امر شيخ
سلطان باهو
قاضي قادن قاضي قاضن
حاجي عبدالله ڊکڻ
ڦتو فقير
کيمن يو مولاڻي
سيد اصغر علي شاھہ عاجز
احمد علي شاھہ
بردو سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون