رئيسا گونڊائي

رئيسا گونڊائي (Raisa Ghundai Mound): سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل هيءُ دڙو پشين تعلقي ۾ نَوَن ميلن جي پنڌ تي اتر- اتر- اوڀر ۾ ۽ هڪ ميل خوشدل بند جي اوڀر- اتر ۾ برابر موجود آهي.
هيءُ ماڳ چلتن جابلو سلسلي جي لاهيءَ وٽ سردار ڪاريز سان گڏ، لورا نئن جي کاٻي ڪناري، اتر ۾ واقع آهي. هيءُ دڙو اتر- ڏکڻ 120 وال ڊيگهہ ۾، 60 وال ويڪر ۽ 50 فٽ اوچو آهي. سڄو دڙو ثقافتي وٿن سان ڀريل آهي. هتان ٺڪراٺو، ڊٺل پٿر جي پيڙهن جا نشان ۽ گٺل لَسا پٿر، رک، هڏا ۽ ڪچين ڀتين جا نشان کوٽائي ڪندي مليا آهن. هتان ٺڪر جا ڪونرا، ڍڪڻا وغيرہ مليا آهن. ڪولن جو ٺڪر ٿلهو ۽ سطح کهري آهي، پر ان تي ڪوبه چٽ چٽيل نہ آهي. ٺڪر جو رنگ ڳاڙهو آهي، جنهن تي ڪاريون خوبصورت ليڪون نڪتل آهن. اڏاوتن وٽان ڪنهن بہ قسم جو سڪو وغيرہ نہ مليو آهي.
هن دڙي سان گڏ ئي ٿوري پنڌ تي هڪ ٻئي دڙي جا بہ آثار مليا آهن، جيڪو کوٽيو بہ ويو آهي. هتان چمڪندڙ پيلي ۽ هلڪي سائي رنگ جو ٺڪر ملي ٿو.
ماڳ تان مليل ڪولو (Jar) ٽي فوٽ چار انچ اوچو ۽ نَوَ فوٽ اٺ انچ گهيري ۾ ويڪرو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو