رؤف

رؤف (ناچ): هي ڪشميري ناچ آهي. هي ناچ ڪشمير ۾ ٻڌ ڌرم وارن کان بہ اڳ هتان جي عبادت گاهن ۾ رائج هو. هي هڪ مذهبي رقص جي حيثيت ۾ ٻُڌن ۽ هندن جي پاٺشالائن، سنياسي آشرمن ۽ مڪتي آستانن ۾ قائم رهيو آهي. اسلامي دور ۾ هي رقص درود خوانيءَ جي صورت ۾ صوفين جي حجرن، زيارتگاهن، خانقاهن ۽ مسجدن ۾ شامل ٿي ويو. رؤف ناچ روزن جي مهيني لاءِ مخصوص آهي. هي ناچ دوشيزائون ڪنديون آهن. شادي شدہ عورتن ۽ مردن ۾ هن ناچ جو رواج گهٽجي ويو آهي. نوجوان هي رقص صرف ان وقت ڪندا آهن، جڏهن هو جنگ تي ويندا آهن يا محاذ تان ڪامياب ٿي موٽندا آهن. ڪٿي ڪٿي رؤف ناچ ۾ رومان جو چشڪو بہ ملي ٿو. رؤف رقص هڪ جيڏين سرتين جو رقص آهي. جيڪي گهر جي اڱڻ جي ڪنڊ ۾ يا ڳوٺ ۾ گڏ ٿي ٻن قطارن ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي بيهنديون آهن. هڪ ڇوڪري، ٻي ڇوڪريءَ جي چيلھہ ۾ هٿ وجهندي آهي ۽ ٻي ڇوڪري ٽين ڇوڪريءَ جي چيلھہ ۾، اهڙي نموني اٺ ڏھہ ڇوڪريون هڪ ٻئي جي چيلھہ ۾ هٿ وجهي، پير پيرن سان ملائي بيهنديون آهن. ائين سامهون واري قطار ۾ بہ ڇوڪريون ڪنديون آهن. اهڙي نموني ٻئي ٽوليون چيلھہ جهڪائي گردن ۾ لهرون پيدا ڪنديون آهن ۽ پيرن کي بہ اڳتي پوئتي ڪنديون آهن. جسم ۾ پرسڪون چرپر سان گڏ ڪجهہ هوريان ڳائينديون بہ آهن. رؤف ناچ بنگلاديش جي سنٿال قبيلي جا ماڻهو بہ ڪن ٿا. اتي بہ نوجوان ڇوڪريون هي ناچ ڪن ٿيون. هن ناچ ۾ هيٺيائين مفهوم وارا رزميه ٻول چيا وڃن ٿا:
اسان انسانيت جي پيالي ۾،
پيار جو شراب ڀرينديون سين.
شراب ڀرينديوسين،
اسان آزاد آهيون
۽ ڏوگر ختم ٿي ويا آهن،
ختم ٿي ويا آهن.“


لفظ رؤفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو