ذوالنون مصري: صوفي عقيدي جو پهريون مؤرخ ابوالفيض ثوبان بن ابراهيم المصري، مصر جي اخيم نالي ڳوٺ ۾، 180ھہ مطابق 796ع ڌاري ڄائو هو. تاريخ ۾ کيس ’ذوالنون مصري‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن طب، علم ڪيميا ۽ ٻين ڪيترن علمن جو اڀياس ڪيو هو. مٿس يوناني تعليمات جو بہ اثر هو. سندس اُستاد ۽ مرشد سعد بن مصري هو. ذوالنون مصريءَ مڪي ۽ دمشق جو سفر ڪيو ۽ انطاڪيه جي ڏکڻ ۾ واقع لبنان جي راهبن سان بہ ملاقاتون ڪيون. سفر دوران هن ضبط نفس جون رياضتون ڪيون. معتزله فرقو هن جو دشمن هو. عبدالله بن عبدالحڪيم مصري جي حڪم تي کيس ’علم الاسرار روحانيه‘ جي تعليم ڏيڻ جي ڏوھہ ۾ کيس گرفتار ڪري بغداد ۾ قيد ڪيو ويو. نيٺ هڪ وڏي عرصي کان پوءِ کيس خليفي متوڪل آزاد ڪيو ۽ ذوالنون مصر موٽي آيو. ذوالنون مصريءَ کي ’رئيس الصوفيه‘ بہ سڏيو ويندو آهي. صوفياڻن عقيدن موجب ڪيترا ماڻهو سندس عقيدتمند ٿيا. هن سان ڪجهہ طب ۽ ڪيميا جا ڪتاب منسوب آهن. ذوالنون هڪ باعمل صوفي هو. هن 246ھہ/ 861ع ۾ وفات ڪئي.