ذبيح ﷲ

ذبيح : ’ذبيح ﷲ‘ حضرت اسماعيل عليہ السلام جو تعاليٰ طرفان عطا ڪيل لقب آهي، جنهن جي معنيٰ ’خدا جي نالي تي قربان ٿيندڙ‘ آهي. روايت آهي تہ جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السّلام خواب ۾ پنھنجي پٽ حضرت اسماعيل عليہ السّلام کي جي نالي تي ذبح ڪندي ڏٺو تہ پهرين حيران ٿيو، پر جڏهن لڳاتار ٽي ڏينهن اهو ساڳيو خواب ڏٺائين تہ آخر امر خدا تي راضي رهي، سڄي حقيقت پنھنجي پٽ حضرت اسماعيلعه کي ٻڌايائين تہ حضرت اسماعيل هڪدم قربان ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. جڏهن حضرت يعقوب پنھنجي فرزند کي ذبح ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ سندس اها قرباني (قرآن موجب) قبول ڪندي، پاڪ جانورن جي قربانيءَ لاءِ حڪم نازل ڪيو. هن عظيم قربانيءَ جي قبوليت تي حضرت اسماعيلعه کي رب العزت جي طرفان ’ذبيح ﷲ‘ جو لقب عطا ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو