ذاڪر حسين ڊاڪٽر

ذاڪر حسين ڊاڪٽر

ذاڪر حسين ڊاڪٽر

ذاڪر حسين، ڊاڪٽر (سياستدان): ڀارت جي ٽئين صدر ذاڪر حسين کي پهرئين مسلمان صدر هئڻ جو اعزاز حاصل هو. هن 8 فبروري 1897ع تي حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو. سندس نسلي تعلق رَوهيل کنڊ جي روحلا پشتون خاندان سان هو، جيڪي آفريدي پٺاڻ قبيلي مان هئا. سندس ابا ڏاڏا پاڪستان جي سرحد وٽ خيبر پختونخوا واري جابلو علائقي جا رهاڪو هئا. هي پشتون سپاهي هئا، جيڪي سترهين صديءَ واري افغان ڪاھہ وقت اتر ڀارت جي علائقي روهيل کنڊ طرف آيا. بعد ۾ هي خاندان حيدرآباد دکن ۽ پوءِ فرخ آباد ضلعي (اتر پرديش) ۾ اچي آباد ٿيو.
ذاڪر حسين ڏهن سالن جو ٿيو تہ والد گذاري ويس، چئن سالن بعد سـندس امـڙ بہ وفـات ڪـري وئـي. هن اسـلاميـه هـاءِ اسڪـول اِتاواھہ ۽ پوءِ اينگلو مُحمدن اوريئنٽل ڪاليج (هاڻوڪي عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ) ۾ تعليم ورتي ۽ اتي ئي سياسي طور سرگرم ٿي شاگرد اڳواڻ ٿي اُڀريو.
ذاڪر حسين 23 سالن جو هو تہ هو انهن شاگردن ۽ ڪجهہ استادن تي مشتمل ننڍڙي گروپ ۾ شامل هو، جن نيشنل مسلم يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو. اها آڪٽوبر 1920ع جي ڳالھہ آهي، اها يونيورسٽي پوءِ 1925ع ڌاري ڪرول باغ نئين دهليءَ ۾ ۽ ڏهن سالن بعد جامعہ نگر دهليءَ ۾ منتقل ٿي ۽ هاڻي اها مرڪزي يونيورسٽي، جامعہ مليه اسلاميہ طور مشھور آهي. ذاڪر حسين ان عرصي دوران جرمنيءَ ويو ۽ اُتان جي يونيورسٽي آف برلن مان اقتصاديات ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري موٽيو. جرمنيءَ ۾ رهڻ دوران هن مرزا اسد ﷲ غالب جي شاعريءَ جي ائنٿالاجي بہ تيار ڪري ورتي. جڏهن 1927ع ڌاري ڏيھہ موٽيو تہ هن جامعہ مليه اسلاميہ کي ڏکين حالتن ۾ ڏٺو ۽ پوءِ وارا 21 سال هن منظم ڪردار ادا ڪندي، اداري کي تعليمي ۽ انتظامي طور ترقي ڏيارڻ ۾ وسان نہ گهَٽايو.
انهيءَ عرصي دوران ئي ڊاڪٽر ذاڪر حسين، انگريز سامراج کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ شامل رهيو، پر سندس ترجيح تعليمي نظام ۾ اصلاح ئي رهي. هن مسلسل جاکوڙ سان پاڻ کي رڳو تعليم لاءِ سوچڻ ۽ ڪوششون وٺڻ لاءِ وقف ڪيو. ساڳئي عرصي دوران سندس ملاقاتون مهاتما گانڌيءَ ۽ محمد علي جناح سان بہ ٿيون.
ورهاڱي کان فوري پوءِ ذاڪر حسين علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو ۽ هن ورهاڱي کان پوءِ وارن اثرن کان يونيورسٽيءَ کي بچائڻ ۽ وڌيڪ هَٿي وٺرائڻ لاءِ مشڪلاتن کي منهن ڏنو. ذاڪر حسين 1948ع کان 1956ع تائين عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو ۽ ان عهدي تان فارغ ٿيڻ بعد هو ڀارت جي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان (Upper House) جو ميمبر بڻيو ۽ 1957ع ۾ رياست بھار جو گورنر ٿيو. 1957ع کان 1962ع تائين بھار جو گورنر رهڻ بعد ذاڪر حسين 1962ع کان 1967ع تائين ڀارت جو نائب صدر رهيو ۽ 13 مئي 1967ع تي ڀارت جو ٽيون ۽ مسلم برادريءَ مان پهريون صدر منتخب ٿيو. هن پنھنجي پهرينءَ تقرير ۾ چيو هو ته، ”ڀارت منهنجو گهر ۽ سڀ ڀارتي منهنجا گهر ڀاتي آهن.“
ڊاڪٽر ذاڪر حسين خلوص ۽ جذبي سان صدارتي فرض انجام ڏنا. سندس وفات بہ صدارتي آفيس ۾ واقع ٿي. اهو 3 مئي 1969ع جو ڏينهن هو. کيس جامعہ مليه اسلاميہ (نئين دهليءَ) ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.02.08  عيسوي

ڀارت جي ٽئين صدر ذاڪر حسين کي پهرئين مسلمان صدر هئڻ جو اعزاز حاصل هو. هن 8 فبروري 1897ع تي حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو.


1967.05.13  عيسوي

13 مئي 1967ع تي ڀارت جو ٽيون ۽ مسلم برادريءَ مان پهريون صدر منتخب ٿيو.


1969.05.03  عيسوي

ڊاڪٽر ذاڪر حسين خلوص ۽ جذبي سان صدارتي فرض انجام ڏنا. سندس وفات به صدارتي آفيس ۾ واقع ٿي. اهو 3 مئي 1969ع جو ڏينهن هو. کيس جامعه مليه اسلاميه (نئين دهليءَ) ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
امام علي بيگ ميرزا علي
جادو فقير شھيد
عبدالرزاق چانڊيو
رئيس امروهوي
قيصر خان نظاماڻي
سهراب خان سرڪي ڊاڪٽر
غلام مجتبىٰ اسراڻ
سچيتا ڪرپلاڻي
پير نظام الدين سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون