
ذاڪر حسين طبله نواز
ذاڪر حسين (طبله نواز): هندستان جي هن عالمي شھرت يافتہ طبله نواز جو جنم 9 مارچ 1951ع تي ڀارت جي رياست مهاراشٽر جي وڏي شھر ممبئيءَ ۾ نامياري طبله نواز ﷲ رکيي جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ ٻن ڀائرن توفيق قريشي ۽ هڪ ڀيڻ خورشيد اوليائيءَ کان وڏو آهي. ابتدائي تعليم سينٽ مائيڪل هاءِ اسڪول، ماهيم ممبئيءَ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ گريجوئيشن جـو امـتحــان سيـنـٽ زيــورس، ممبئي مان پاس ڪيائين.
12 سالن جي ننڍي عمر ۾ پنھنجي غير معمولي صلاحيت سبب 1970ع ڌاري آمريڪا جي مختلف علائقن ۾ 150 کان مٿي محفلِ موسيقيءَ جي محفلن ۾ پنهنجو فن پيش ڪندي، عالمي شھرت ماڻڻ کانپوءِ مستقل طور آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿيو.
1971ع ڌاري هن آمريڪا جي هڪ تجريدي/ نمايان ٽولي سان گڏجي ’شانتي‘ نالي پهريون البم تيار ڪيو، جيڪو تمام گهڻو مشھور ٿيو. ان کانپوءِ هن 1973ع ۾ جارج هيريسن جي البم ”Living in the Material World‘ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن 74- 1973ع ڌاري جان مڪ لولن سان گڏجي ’شڪتي‘ نالي سان موسيقي جي بينڊ جو بنياد وڌو، جنهن تحت هن هندي ۽ جاز (Indo-Jazz) موسيقيءَ کي ملائي ڪي نيون ڌنون ٺاهيون، جن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندن گڏيل سهڪار سان هڪٻئي پٺيان ڪيترا ئي البم مارڪيٽ ۾ آيا، جن ۾ ’شڪتي‘ (1974ع)، A Handful of Beauty ۽ Natural Elements (1977ع) سر فهرست آهن.
هن مغربي دنيا جي وڏي ۽ ناليواري موسيقار ۽ نغارچي Mickey Hart سان گڏجي موسيقيءَ جي مختلف رٿائن تي ڪم ڪيو. هارٽ سان گڏ، هن جنهن البم سان پنھنجي ڪم جي ابتدا ڪئي، اهو Rolling Thunder هو. هي هڪ سولو البم هو، جنهن ان وقت موسيقيءَ جي دنيا ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻي، جنهن کانپوءِ سندس گڏيل سهڪار سان مختلف البم جھڙوڪ: Diga, At the Edge, Mickey Hart’s Mystery Box، Supralingua، Spirit into Sound, Bebe Orishas ۽ Global Drum Project جھڙا مشھور البم تيار ٿيا. مڪي هارٽ ۽ سندس البم Planted Drum کي 1992ع ۾ بطور Best World Music Album پهريون گرامي اوارڊ ڏنو ويو.
20 سالن جي طويل عرصي کانپوءِ کيس ٻيهر جان مڪويل سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ Remember Shakti the Believer ۽ Saturday Night in Bombay (2001) جي نالي سان ٽي مختلف البم رليز ڪيا. ان کان علاوہ مڪ لالن سان گڏجي وسيع پيماني تي ٿيندڙ موسيقيءَ جي پروگرام Live at Miles Davis Hall (2004)، Live at 38th Montreux Jazz Festival (2004) ۾ براھہ راست پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. موسيقيءَ جي البم رليز ڪرڻ۽ طبلي نوازيءَ جي فن جي ادائگيءَ کان سواءِ هن مختلف فلمن لاءِ موسيقيءَ جون ڌنون پڻ تيار ڪيون. 1983ع ۾ ٺهندڙ فلم Heat and Dust جي مڪمل موسيقي ٺاهڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو اعزاز ذاڪر حسين کي حاصل آهي.
هن 1999ع ۾ مليالم فلم وناپرسٿم ۾ هندي موسيقيءَ جي صلاحڪار طور بہ ڪم ڪيو آهي. هن فلم لاس اينجلس انٽرنيشنل فلم فيسٽيول (ترڪي)، بمبئي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول (انڊيا) ۽ نيشنل فلم اوارڊ (انڊيا جا اوارڊ حاصل ڪيا آهن. هن In Custody،The Mystic Masseur ۽ Mrs. Lyre جهڙين فلمن لاءِ گانا پڻ تيار ڪيا ۽ ڪجهہ گانن Little Budha، Apocalypse Now ۽ ٻين گانن ۾ طبلي جي ڌن کي شامل ڪيو. ذاڪر حسين آمريڪن اٽالين ڇوڪري ڪٿڪ رقاصہ ۽ ستارہ ديويءَ جي شاگردياڻيءَ ‘Antonia Minnecola’ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين جو اولاد آهي. سندس وڏي ڌيءَ انيسه قريشي UCLA مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد فلم اسٽار طور ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن تہ سندس ننڍي نياڻي اسبيلا قريشي مينهٽن رقص جي تعليم ۽ سکيا حاصل ڪري رهي آهي. ذاڪر حسين هن وقت پنھنجي گهر وارن سان گڏ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
ذاڪر حسين، پنھنجي فن ۽ قابليت جي آڌار تي بيشمار اوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي، جن ۾:
1. پدم شري اوارڊ (1988ع).
2. انڊو امريڪن اوارڊ (1990ع).
3. سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي اوارڊ (1991ع).
4. پلئنيٽ ڊرم جي سلسلي ۾ گرامي اوارڊ (1992ع).
5. نارم (NARM) انڊيا بيسٽ سيلر اوارڊ (پلئنيٽ ڊرم تي ) 1992ع).
6. نيشنل هيريٽيج فيلوشپ (1999ع).
7. پدم ڀوشن اوارڊ (2002ع).
1951.03.09 عيسوي
هندستان جي هن عالمي شهرت يافته طبله نواز جو جنم 9 مارچ 1951ع تي ڀارت جي رياست مهاراشٽر جي وڏي شهر ممبئيءَ ۾ نامياري طبله نواز الله رکيي جي گھر ۾ ٿيو.