ذاڪري لائبريري

ذاڪري لائبريري: ذاڪري لائبريريءَ جو بنياد سيد محمد شاھہ جيلاني، ذاڪري، ’روضي ڌڻيءَ‘ وڌو. ذاڪري لائبرريءَ ۾ روحاني تعليم جو سلسلو شروع ڪيو. ذاڪري درگاھہ وارن جي طريقت جو سلسلو قادري هو، ان ڪري ذاڪري لائبريريءَ ۾ تصوف جي ڪتابن جو اڄ تائين وڏو انگ موجود آهي.
هن لائبريريءَ جي سار سنڀال سيد محمد شاھہ روضي ڌڻيءَ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ احمد شاھہ '>سيد احمد شاھہ ’ذاڪري‘ ڪئي، جنهن بہ هن ڪتبخاني ۾ موجود ڪتابن جي ذخيري جي حفاظت سان گڏ، ان ۾ وڌيڪ ڪتابن جو چڱو خاصو واڌارو ڪيو. 4 جون 2000ع تي سندس وفات کانپوءِ اها ذميواري سندس پٽن محمد منير شاھہ ۽ محمد حنيف شاھہ سنڀالي، جن جديد دور جي سياسي ۽ ادبي علمي ۽ مذهبي ڪتابن جو گهڻو سرمايو گڏ ڪري، هن قديم ڪتبخاني کي قائم رکڻ جو فريضو ادا ڪيو آهي.
هن ڪتبخاني ۾ هزارن جي تعداد ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو