پير سيد محمد شاهه، ذاڪري جي مزار جو ڏيک

پير سيد محمد شاهه، ذاڪري جي مزار جو ڏيک

ذاڪري سيد محمد شاھہ

ذاڪري، سيد محمد شاھہ: مشھور عالم، صوفي ۽ اهل طريقت بزرگ سيد محمد شاھہ، ذاڪري، جيلاني خاندان مان هو، سندس وڏا اصل ڪشمير جا رهاڪو هئا. انگريزن جي دؤر ۾ سندس والد محمد شير شاھہ پنھنجي مرشد خواجہ نظام الدين ڪيان شريف آزاد ڪشمير واري جي حڪم سان ديني تعليم ۽ ذڪر اذڪار لاءِ سنڌ ۾ لاڙ طرف آيو. لاڙ ۾ تلهار ويجهو سندس درگاھہ ۽ مزار موجود آهي. والد جي وصال کانپوءِ سيد محمد شاھہ نواب شاھہ ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي رهي، آخر ۾ سڪرنڊ شھر کان اتر طرف ميل کن پنڌ تي قومي شاهراھہ لڳ خانقاھہ ۽ مسجد جو بنياد رکي فيض عام ڪيو. پاڻ قادري سلسلي سان واسطو رکندڙ هو. ان ڪري درگاھہ تي هميشہ افضل ذڪر لا الٰھ الا ﷲ جي تنوار جاري هوندي هئي. تنهنڪري ذڪر ڪندڙ يا ’ذاڪري‘ مشھور ٿيو.
پير صاحب جا سائين جي. ايم. سيد ۽ محرابپور واري بزرگ سيد حسن بخش شاھہ سان ويجها تعلقات هئا. سندس خط و ڪتابت سائين جي. ايم. سيد جي ڪتابن ۾ موجود آهي. وڏو مصلح ۽ سماج سڌارڪ هو. سندس تعليم ۽ فيض جي اثر سبب ڪيترا چور، ڏاڍا مڙس ۽ ڏوهن ۾ ڦاٿل ماڻهو سندس صحبت ۾ رهي شريعت جا پابند بڻيا ۽ ڪيترا فقير ٿيا. پير صاحب جيئري ئي پنھنجي قبر جوڙائي هئي ۽ پوءِ مٿس روضو تعمير ٿيو. ان ڪري ’روضي ڌڻيءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو.
سندس وفات 29 جمادي الاول 1355ھہ/ 18 آگسٽ 1936ع تي ٿي. سندس وصال کانپوءِ سندس فرزند احمد شاھہ '>سيد احمد شاھہ (’سھڻي سائين‘) درگاھہ ۽ سلسلي کي وڌايو. سندس مريديءَ جو سلسلو چئني صوبن تائين وسيع رهيو آهي. ’سھڻي سائينءَ‘ جا فرزند منير احمد شاھہ ۽ محمد حنيف شاھہ بہ قديم ۽ جديد علم جي زيور سان سينگاريل آهن ۽ هن وقت سيد منير احمد شاھہ درگاھہ ذاڪري سڪرنڊ جو سجادہ نشين آهي، جڏهن تہ سيد حنيف شاھہ تلهار واري درگاھہ کي سنڀالي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو