دڪپال ڇند: دڪپال ڇند، ڇند شاستر ۾ 24 ماترائن جو ڇند آهي. ڇند شاستر ۾ 24 ماترائن جا ٻيا بہ ڪيترا ڇند آهن. دڪپال ڇند ۾ 12، 12 ماترائن جا پد ٿين ٿا. يعني هر مصرع برابر ٻن حصن ۾ ورهايل هوندي آهي. دڪپال ڇند موجب دوهي وانگر ٻيو ۽ چوٿون پد هم قافيه هوندا آهن. ماترائن جي جدا جدا نموني تقسيم ٿيڻ سان ڇند جي شڪل بدلجي ويندي آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ بہ ڪيترن ڇندن جو استعمال ٿيل آهي.