دڙٻ جو مقام

دڙٻ جو مقام: دڙٻ جو مقام، ديھہ جاگير-6، يونين ڪائونسل غيبي ديري، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ دڙٻ نئن جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. هن قبرستان ۾ هزارين ماڻهو دفن ٿيل آهن، جن ۾ چانڊيا قبيلي جي پاڙن تاماڻي، قاسماڻي، نورياڻي، ڏيپاراڻي ۽ عمراڻين جي وڏن جون مزارون آهن. هن تاريخي قبرستان ۾ چانڊين جي هڪ ويڙهو سردار ٽلو خان جو بہ مقبرو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هن بلوچستان ۽ افغانستان کان ايندڙ حملي آورن سان ڪيترا ڀيرا جنگيون ڪيون هيون. انهيءَ کانسواءِ سوالي، ٻاجهي، بائٺ خان، لالو فقير ۽ قائم سخي وغيرہ جهڙن فقيرن ۽ سردارن جون مزارون بہ هن مقام ۾ آهن. هن قبرستان جون ڪجهہ قبرون پراڻي دؤر جي چوني سان بہ ٻڌل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو