دٻي-5 تان مليل پٿر جي تيرن جون اُڻيون

دٻي-5 تان مليل پٿر جي تيرن جون اُڻيون

دٻي-5

دٻي-5 (Dubi-5: ماڳ): هيءَ پٿر جي اوائلي دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو پٿر جي اوزارن ٺاهڻ جو ڪارخانو معلوم ٿئي ٿو. هيءُ ماڳ تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس جي اڇڙي ٿر واري ڀاڱي ۾ دٻي ڍنڍ لڳ "27° 08' 3 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "48 '40 °68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هيءُ ماڳ ڊرٻ جي چوٽيءَ تي آهي. هتان باڪري واري ڍنڍ چٽي نظر اچي ٿي، جيڪا ماڳ جي ويجهو آهي. هتان دڙي جي مٿاڇري تان ڪيتريون ثقافتي وٿون ملن ٿيون، جن ۾ خاص طور: ننڍن توڙي وڏن پٿر جي اوزارن جا ٽڪرا، چوڙيون، تيرن جون اڻيون، چهنبدار اوزار، ٽامي جا ٽڪرا، ڪوڏن جون چوڙيون، ٺڪر جا مجسما، ٺڪر جون چوڙيون، چپترا گول مڻيا وغيرہ شامل آهن. هتان ملندڙ ٺڪراٽو چڪ تي لٿل ۽ هٿ جو ٺهيل معلوم ٿئي ٿو. هٿ سان ٺهيل ٺڪراٺو مٽيءَ ۾ پٿرين جي سنهي ڀور ملائي ان مٿان ليپو ڏنل صورت ۾ ملي ٿو. هن قسم جو ٺڪراٺو هاڪڙي تھذيب سان مشابهت رکي ٿو. چڪ تي لٿل ٺڪر ڪوٽڏيجيءَ مان مليل ٺڪر جهڙو آهي. هن ماڳ تان مليل وڏي تعداد ۾ ثقافتي وٿون اڇڙي ٿر جي تھذيب کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو