
دٻي 2 تان مليل ٺڪراٺو
دٻي 2 (ماڳ): هيءُ اوائلي پٿر دؤر جو صنعتي ماڳ تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپور جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ واقع آهي. قديم آثارن جا ماهر هن ماڳ جو دؤر 20000-2600 ق. م ٻڌائين ٿا. دٻي ڍنڍ جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي ڊٻ جي مٿاڇريءَ تي هيءُ ماڳ جاگرافيائي بيهڪ ۾ 27 8`24`` اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 40’22’’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. هن جي ويجهو هڪ ڊرينهن آهي، جنهنڪري ماڳ جي لٽجي وڃڻ جو خدشو آهي. ڊرينهن جي ڪري ماڳ جو ڏاکڻيون حصو پورجي ويو آهي. هتان مليل وٿن ۾ چقمقي پٿرن جون چلون، ڇوڏيون، تيرن جون ڀڳل اڻيون ۽ ٺڪراٺو شامل آهي. هن ماڳ تان ملندڙ ٺڪراٺو هاڪڙي جي ماڳن سميت ڪوٽڏيجيءَ تان ملندڙ ٺڪراٺي سان هڪجهڙائپ رکي ٿو. هتي ٻين دورن سان واسطو رکندڙ ٿانون جا نمونا ۽ ٺڪر بہ ملن ٿا. هن ماڳ جو تذڪرو ‘Current Studies of Indus Civilization’ جي مصنف ۽ ايڊيٽر بہ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ماڳ کي اهم ڄاڻايو ويو آهي.