دٻلي ٻيٽ جي جنگ

دٻلي ٻيٽ جي جنگ: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مھر لکي ٿو تہ: ”جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي، صادق محمد خان دائودپوٽي کان شڪارپور فتح ڪيو، تڏهن صادق محمد خان شڪارپور مان نڪري خانپور پهتو، پر اتي بہ ڪلهوڙن چڙهائي ڪئي، جنهن کانپوءِ صادق خان اهل و عيال سميت سنڌونديءَ جي هڪ ٻيٽدٻلي‘ ۾ وڃي رهيو.
ميان نور محمد خان ڪلهوڙي شڪارپور ۽ خانپور جي انتظام سنڀالڻ کانپوءِ مير شھداد خان ٽالپر کي دٻلي ٻيٽ فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو، دٻلي ٻيٽ ۾ ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو گهڻو نقصان ٿيو، آخرڪار اُچ جي سجادہ نشين دائودپوٽن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو.
1140ھہ/ 1728ع ۾ دائودپوٽا دٻلي ٻيٽ مان نڪري وڃي ملتان جـي علائقي ۾ آباد ٿيا، اتي هنن کي ڪجهہ زمينون جاگير ۾ مليون. جڏهن نادر شاھہ افشار ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن نادر شاھہ شڪارپور شھر تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ شھر دائودپوٽن جي حوالي ڪيو“.




هن صفحي کي شيئر ڪريو