دُهري

دُهري

دُهري

دُهري (ڳھہ): دهري ڳچيءَ جو ڳھہ آهي، جيڪو سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان رائج آهي. هيءُ ڳھہ خاص طور سنڌ ۾ عورتن جي هار سينگار جو نهايت ئي عمدو ڳھہ آهي، جنهن کي اهي وڏي ذوق سان پائين ٿيون. آڳاٽي زماني ۾ راجا، بادشاھہ، شھزادا مرد بہ دهريون پائيندا هئا، پر هاڻي گهڻو ڪري فقط راڻيون، شهزاديون ۽ امير گهراڻن جون عورتون هيءُ ڳھہ زيب زينت لاءِ پائين ٿيون. دُهري نج سون مان جڙيل هوندي آهي، ان ۾ مَٺُ بلڪل ڪونه ملائيندا آهن ۽ ان ۾ سون جهجهي مقدار ۾ هوندو آهي، تنهن ڪري هيءُ ڳھہ مهانگو ٿئي ٿو.
دهريءَ جا قسم ۽ نالا دهريءَ جي گهاڙيٽي ۽ لڙين جي تعداد جي مطابقت سان سڏجن ٿا، جھڙوڪ: ٽه سري، پنج سري ۽ ست سري دُهري وغيرہ. هڪڙيون دهريون بندن واريون ٿين ٿيون، جن ۾ پتل ۽ پتل واريون لڙيون پويل هونديون آهن. ڪي وري رڳو ٽن، پنجن ۽ ستن پتلن واريون لڙيون هونديون آهن. پُتلا ننڍا توڙي وڏا دُهريءَ ۾ ترتيب سان لڳايا ويندا آهن. پتلن تي ڪُندن جو ڪم ٿيل هوندو آهي. دُهري ساهرا بہ ڏين تہ پيڪا بہ ڏين . دهري جيڪڏهن ساهراڻي هوندي ۽ ڇوڪري ساهرن ۾ خوش نہ هوندي تہ اهو پهاڪو ڏينديون تہ:
ڳچيءَ ۾ دُهري، مٿي تي مُهري،
امڙ اهڙي سک کي ٻن وجهجي.
لوڪ گيتن، ڳيچن، سهرن ۽ لوڪ ادب ۾ پڻ دُهريءَ جو تمام گهڻو ذڪر آهي، مثال طور:
دهري لاڏل جي مان لاڙائون گهڙايان،
لاڙئون گهڙايان، ڀائر سڏايان!
سونارا هيءُ ڳھہ وينجهر ٻُڙن کي لاک ۽ ڄؤ سان دُهريءَ ۾ لڳائي جُڙي ٺاهي تيار ڪن ٿا. دُهريءَ جا خاص ڪري ٻہ قسم ٿين ٿا. هڪ سنڌي دُهري ۽ ٻي فيشني دُهري. فيشني دُهريءَ تي زرقون ۽ ٻين ننگن جي جڙاءَ سميت ڪاسٽنگ جو ڪم بہ ٿئي ٿو. ڇلائيءَ ۽ ڄاريءَ جو ڪم بہ ڪيو ويندو آهي. دُهري ۾ داڻا، مڻيا، پتلو، بند ۽ سٽ ڪم ايندو آهي.


لفظ دُهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو