دُرٻَچا (ڳھہ): سنڌ ۾ دُرٻچا ڪنن ۾ پهرڻ جو هڪ ڳھہ آهي، جيڪو سماٽ ذاتيون، خاص ڪري لاڙ ۾ راهمان ۽ مينڌرا پائيندا آهن. دُرٻچا ’دُرن‘ کان ننڍا ٿين ٿا ۽ ٻہ ننڍا جاڙا دُر ملائي درٻچا جوڙيا وڃن ٿا. درٻچا وزن ۾ دُرن کان هلڪا ٿين ٿا. هيءَ ڳھہ نهايت سھڻو ٿئي ٿو، جنهن کي عورتون پائينديون آهن. سکا ۽ مڃتا جي صورت ۾ هيءَ ڳھہ ڇوڪرن کي بہ پارائيندا آهن.