ديپچندر تلوڪچند چندر

ديپچندر تلوڪچند ’چندر‘: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ ليکڪ ديپچندر تلوڪچند بيلاڻي ’چندر‘، 17 اپريل 1909ع تي نوابشاھہ ضلعي جي ڳوٺ ’ڪاڻيا ڪلهوڙا‘ ۾ ڄائو. اڌ صديءَ کان مٿي ليکڪ، شاعر ۽ مضمون نگار طور ادبي پسمنظر رکي ٿو. هن ۽ پرڀداس برهمچاريءَ ماهوار رسالو ’ڦلواڙي‘ ٻيهر جاري ڪيو، جيڪو تمام گهڻو مشھور ٿيو. ديپچندر ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ٻيو ڪافي ادب تخليق ڪيو.
هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ (1) آريہ ديـويــون (1936ع)، (2) ناري رهبر (1938ع)، (4) رام ورکا (1943ع)، (5) ڪستورٻا (مهاتما گانڌيءَ جي گهر واريءَ ڪستورٻا جي ڪٿا: 1944ع)، هندي انگريزي سنڌي ڊڪشنري (1962ع)، سنڌي سُونهارا (1966ع) ۽ ’جواهر درشن‘ (جواهر لال نهروءَ جي ڪٿا: 1967ع) شامل آهن، جن مان ’جواهر درشن‘ ڪتاب، ٻاراڻي ادب چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام يافتہ آهي. ديپچندر، ورهاڱي کان پوءِ اجمير ۾ وڃي رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.04.17  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ ليکڪ ديپچندر تلوڪچند بيلاڻي ’چندر‘، 17 اپريل 1909ع تي نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ ’ڪاڻيا ڪلهوڙا‘ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت ڪشنچند جيٽلي
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
رسول بخش ٻگهيو گچيرائي
ڄيٺو لالواڻي
عيسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
رانجهن ماسٽر رانجهن
جئسنگهاڻي شيام
چانڊيو منير2
غلام قادر بروهي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون