ديولي: ديولي، سنڌو درياھہ جي مکيہ وهڪري جي هڪ ڇاڙھہ آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو پاڻي هوندو هو. ان ڪري هن ڇاڙھہ کي ديولي يا ست منهون سڏيندا هئا. ان کانسواءِ سنڌوءَ جا اهي ڦاٽ جيڪي لاڙي بند وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، تن کي ’ديولي يا ديبل‘ جو درياھہ سڏيو ويندو هو. هيملٽن چوي ٿو تہ ديولي نالي ڦاٽ کي هاڻي ڳولي لھڻ ڪجهہ ڏکيو ٿيندو. ان جي مٿان هڪ مسلمان بزرگ جو مقبرو آ هي. ان قبي کي پري کان ڏسڻ لاءِ چن سان اڇو رنگ ڏنو ويندو آهي.