ديوان مير 1

ديوان مير 1

ديوان مير 1

ديوان مير 1 (ڪتاب): فارسي شاعريءَ جو هي ديوان سيد شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي ’مير‘ جو لکيل آهي. هي ڪلهوڙن جي دور جو شاعر آهي ۽ سنڌ جي نامور صوفي شاھہ عنايت شھيد جي چوڏهن نامور خليفن مان هڪ هو. ديوان جي ترتيب ۾ رديفن کي الف- ب وار رکيو ويو آهي. هن ديوان کي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي مرتب ڪيو آهي. ديوان جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب انگريزيءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب جي مرتب شاعر جي احوال کي پنجن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرين باب ۾ شاعر جي دور ۾ ٿيل واقعن جو ذڪر، ٻئي باب ۾ شاعر جي ڄم ۽ تصوف بابت ڄاڻ، ٽئين باب ۾ صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو ذڪر، چوٿين باب ۾ شاعر جي علمي ادبي خدمتن بابت ڄاڻ ۽ پنجين باب ۾ شاعر جي شاعريءَ تي بحث، ان سان گڏ شاعر جي شاعريءَ کي خواجہ حافظ ۽ مولانا روميءَ جي شاعري سان ڀيٽيو ويو آهي. ديوان ۾ سيد جان شاھہ رضويءَ جي غزلن کان سواءِ ترجيح بند، ترڪيب بند، محمس، رباعيون ۽ مثنويون شامل آهن. هي ڊيمي سائيز ۽ چار رنگي ٽائيٽل وارو هي ديوان 2001ع ۾ سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران شايع ٿيو. 320 صفحن تي مشتمل هن ديوان جي قيمت 60 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو