ديوان مخلص

ديوان مخلص (ڪتاب): ديوان مخلص سنڌ جي نامور اديب ۽ شاعر محمد هاشم ميمڻ ’مخلص‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. هي ٽالپرن جو درٻاري شاعر هو. هي انهن پهرين شاعرن مان هو، جن پنھنجي نثر توڙي نظم رستي سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي شعور ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. ديوان مخلص کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ظرافت ۽ مزاح، هجو ۽ گلا، سياست ۽ قوميت ۽ عشق ۽ محبت، پر غزلن کي ظرافت ۽ هجو کان بلڪل پري رکيو اٿس ۽ تمام ٿورن غزلن ۾ سياسي رنگ اٿس. سندس غزلن تي فارسي غزلن جو نمايان اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ پارسي شاعريءَ واريون ساڳيون تشبيهون ۽ استعارا، ترڪيبون ۽ بندشون ملن ٿيون، جيئن تہ هو سانگي واري دؤر کان پوءِ بہ گهڻو وقت زندھہ رهيو ۽ شاعريءَ جي جديد لاڙن سان روشناس ٿيو. تنهنڪري سندس ڪن غزلن ۾ نوان نوان مضمون، نئون رنگ ۽ ڍنگ ملي ٿو. سندس ديوان اڃا تائين شايع نہ ٿيو آهي ۽ قلمي صورت ۾ موجود آهي.


لفظ ديوان مخلصھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو