
ديوان حافظ 2
ديوان حافظ 2 (ڪتاب): ديوان حافظ نامور شاعر سيد محمد حيات شاھہ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. سيد محمد حيات شاھہ ’حافظ‘ پنجاب جي شھر جهنگ ۾ پيدا ٿيو. عشق جي چوٽ لڳڻ سبب هندستان گهميو ۽ نابين ٿي ويو. 1910ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد اچي هميشہ لاءِ آباد ٿيو، جنهن لاءِ چوي ٿو:
مون کي سر زمين سنڌ ۽ هند مان،
وڻي سڀن کان حيدرآباد سنڌ.
هي هميشہ چوندو هو ته، منهنجو اباڻو وطن پنجاب آهي ۽ منهنجو وطن سنڌ آهي. هي حيدرآباد جي مشاعرن، خاص طرح سنڌي مسلم سوسائٽي جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. هن شعر و شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل ۾ کيس چڱي خاصي مهارت حاصل هئي. سندس ديوان ۾ غزل رديفن مطابق الف. ب وار ترتيب سان رکيل آهن. هن جي غزلن ۾ سادگي، صفائي ۽ سلاست آهي. سندس ديوان آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد طرفان ديوان حافظ جي نالي سان 1950ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ڊيمي سائيز جي 90 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.