
ديوان حافظ 1
ديوان حافظ 1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ايران جي عظيم صوفي شاعر حافظ شيرازيءَ جي شاعري جو ديوان آهي، جيڪو مشھور اُستاد محمد يعقوب ’نياز‘، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ حافظ شيرازيءَ جي چونڊ شاعري ڏنل آهي جنهن کي ترجمي نگار نهايت ئي برجستگيءَ سان سنڌيءَ ۾ آندو آهي. ڪتاب ۾ حافظ جي فارسي غزلن جي سامهون سنڌي شائسته نثر ۾ انهن جو ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ ترجمي نگار پيش لفظ ۾ڄاڻايو آهي تہ: ”جڏهن اسان جي نسل تي اهو بار پيو تہ ايندڙ نسلن کي علم ۽ ادب جو شعور منتقل ڪريون، تڏهن اسان مان انهن، جن مغربي ٻوليون انگريزي، فرينچ وغيرہ سکيون، تن انهن ٻولين جو ادب سنڌيءَ ۾ پلٽائي وڌو ۽ مون جهڙن، جن جي انهن ٻولين تائين رسائي نہ ٿي سگهي، تن وري فارسي ادب مان چونڊي چڱيون چڱيون شيون سنڌيءَ ۾ آڻڻ جو سوچيو.“ ڪتاب ۾ ليکڪ جي تعارف سميت حافظ شيرازيءَ جي جامع سوانح عمري بہ ڏنل آهي. ٻہ رنگي ٽائيٽل سان، ڪرائون سائيز ۾ 150 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملھہ 10 رپيا آهي. جيڪو آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد 1983ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.