ديوان تسليم

ديوان تسليم (ڪتاب): ديوان تسليم علامہ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. علامہ مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاھہ ولي جو شاگرد هو. وڏو عالم هجڻ سان گڏ شاعر بہ هو. مير علي شير قانع ٺٽوي ’مقالات الشعراء‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”علامہ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو شان اگرچہ شاعريءَ کان تمام گهڻو بلند آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ چوندو هو. سندس ڪلام ريخته (اردو) ۽ فارسيءَ ۾ آهي. علامہ صاحب فارسيءَ ۾ ’تسليم‘ ۽ اردو (ريخته) ۾ ’بيراڳي‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس فارسيءَ ۾ هڪ مڪمل غزلن جو مجموعو ’ديوان تسليم‘ جي نالي سان مشھور آهي. ديوان ۾ غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيب سان رکيل آهن. ديوان ۾ ٻہ سؤ کان مٿي غزل آهن. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جي گهڻي اپٽار آهي. تصوف جي باريڪ نڪتن سان ڀرپور سندس ڪلام متاثر ڪندڙ آهي. سندس شاعريءَ تي حافظ شيرازيءَ جو اثر غالب آهي. ديوان ’تسليم‘ کانسواءِ سندس ڪيترا غزل ۽ سلام مختلف قلمي نسخن ۾ بہ ملن ٿا. ديوان تسليم جوواحد هڪ قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ موجود آهي، جيڪو اڃا تائين ڇپيو نہ ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو