دين الاهي

دين الاهي (دين اڪبرشاهي): دين الاهي، هندستان جي مغل شهنشاھہ جلال الدين محمد اڪبر سان وابستہ هڪ مت آهي، جنهن کي هن مختلف مذهبن مان اخذ ڪيو هو. ان ۾ اسلام، سناتن ڌرم، ٻڌ ڌرم، جين ڌرم ۽ عيسائيت جا مختلف عقيدا شامل آهن. دين الاهي 989ھہ/ 1581ع ۾ جاري ٿيو. دين الاهيءَ ۾ ٻڌ ۽ جين مت جي عقيدي اهنسا، ڪيٿولڪ عيسائين جي تجرد پسنديءَ ۽ اسلام جي توحيد کي ملايو ويو. دين الاهيءَ جي ڏهن فضائلن مان نَوَ (9) سڌو سنئون قرآن مجيد مان ورتا ويا هئا، جن ۾ ڪشاده نظري، بد عملن کان پاسو، ڪاوڙ کي حلم سان دٻائڻ، تشدد کان پرهيز، پرهيزگاري، تقويٰ، زهد، نرمي ۽ شفقت اچي وڃن ٿا. ڏهين فضيلت صوفياڻي طريقي موجب تزڪيہ نفس تي عمل ڪرڻ هو. دين الاهيءَ تي راسخ العقيده مسلمانن جي تنقيد هيءَ هئي تہ اڪبر کي بالواسطه (نعوذبالله) نبي يا خدا جو درجو ڏنو ٿي ويو، ان جو ثبو اهو ڏنائون تہ درٻاري پاڻ ۾ ملڻ وقت ’ اڪبر‘ ۽ ’جل جلالھ‘ چئي سلام ڪن ٿا. اهي ڪلما جيتوڻيڪ صوفياڻي ذڪر جي ورد ۾ اچن ٿا، پر ان ۾ اڪبر جو نالو هجڻ ڪري اهي لفظ خوشامدانه تصور ٿين ٿا.
حقيقت هيءَ آهي تہ اڪبر دين الاهيءَ ۾ شامل ٿيڻ وارن کي اهو چئي پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو تہ ”خود هدايت حاصل ڪرڻ کان اڳ آءٌ ڪنهن کي هدايت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟“ اڪبر بادشاھہ جي هن مت جي پيروڪارن جو تعداد (9) کان مٿي نہ ويو. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ اڪبر، دين الاهيءَ کي هڪ ’روحاني ڪلب‘ تصور ڪندو هو، جيڪا سندس چونڊ درٻارين تائين محدود هئي. دين الاهيءَ ۾ ڪنهن الهامي ڪتاب جي نازل ٿيڻ جي دعويٰ نہ ڪئي وئي هئي.
عبدالله خان ازبڪ لکي ٿو تہ هن جو مذهبي عقيدو اصل ۾ عقليت تي ٻَڌل هو ۽ اڪبر مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ اسلام جي تصديق ڪري ٿو. هن گڏوگڏ انهيءَ امر جي بہ ترديد ڪئي آهي تہ اڪبر ڪڏهن نبي، امام يا خدا هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. ان مان ثابت ٿيو تہ اڪبر اسلام جو منڪر نہ هو پر انسانيت کي افضل سمجهندو هو.
دين الاهيءَ کي هندن مان صرف راجا بيربل قبول ڪيو هو، جڏهن تہ ڀڳوان داس ۽ مان سنگهہ هن عقيدي جا مخالف هئا. ابتدا ۾ اڪبر هڪ سادو ۽ خوش عقيده مسلمان هو. هو عالمن، مشائخن ۽ صوفين جو گهڻو احترام ڪندو هو. هن شيخ معين الدين چشتيءَ جي مقبري ويجهو هڪ عظيم الشان ’عبادتخانو‘ تعمير ڪرايو، جنهن ۾ مسلمانن جي سمورن فرقن کان سواءِ ٻين مذهبن جا عالم ۽ مشائخ پڻ گڏ ٿيندا هئا. اتي بادشاھہ سان مختلف مسئلن تي آزادانہ بحث مباحثو ٿيندو هو. انهيءَ عبادتاخاني جي بحث مباحثن کان پوءِ اڪبر جي دل ۾ اهو خيال پختو ٿي ويو تہ سچائي ڪنهن هڪ مذهب ۾ نہ آهي، پر هر مذهب ۾ سٺيون ڳالهيون موجود آهن. اڪبر جي انهيءَ لاڙي کي ڏسي ڪن هندو پنڊتن ۽ مسيحي پادرين کي اسلام، شارع اسلام ۽ شعائر اسلام خلاف ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو. هندن جون دليون کٽڻ لاءِ اڪبر حدون ٽپي ويو. هن اهڙيون رسمون بہ اختيار ۽ رائج ڪيون، جيڪي سراسر هندن جي حمايت ۾ هيون، جھڙوڪ: ڳئون ڪھڻ جي ممانعت، درشن، ڏاڙهي ڪترائڻ ۽ هندو راڻين سان سندن مذهبي رسمن ۾ شامل ٿيڻ وغيرہ. اڪبر جي انهن ڳالهين ملڪ جي مسلمانن ۾ بيچيني پکيڙي ڇڏي. ملا محمد فتويٰ ڏني تہ اڪبر بادشاھہ بدمذهب ٿي ويو آهي ۽ سندس خلاف جهاد واجب آهي، پر انهن ڳالهين جو اڪبر تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو. جيڪي ماڻهو دين الاهيءَ ۾ شامل ٿيندا هئا، تن کي بيعت ڪرڻ وقت ڪلمه ”لاالــٰھ الاالله-اڪبر خليفة “ پڙهڻو پوندو هو. ان سان گڏ دين اسلام مجازي ۽ تقليديءَ کان عليحدگي ۽ اخلاص چهارگانه (يعني ترڪ مال، ترڪ جان، ترڪ ناموس، ترڪ دين) جو اقرار ڪرڻو پوندو هو. انهن مريدن کي جوڳين جي اصطلاح ۾ چيو ويندو هو. بادشاھہ طرفان کين زنار يا مُنڊي (جنهن تي اسم اعظم ۽ نقش اڪبر اُڪريل هوندو هو) تحفي ۾ ڏنا ويندا هئا.
اڪبر بادشاھہ تي ڪيترائي الزام لڳا، پر اها حقيقت آهي تہ هن اسلام کان ٻاهر ٿي ڪڏهن بہ نبي يا خدا هئڻ جي دعويٰ نہ ڪئي ۽ نہ ئي ڪنهن کي پنهنجو مذهب قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
1001ھہ/1592ع ۾ شيخ مبارڪ ۽ ملافيضي وفات ڪري ويا. 1007ھہ/1598ع ۾ ابو الفضل کي دکن جي مھم تي موڪليو ويو تہ اڪبر بلڪل تنھا ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح ’دين الاهي‘ ختم ٿي ويو. جھانگير چواڻي: ابو الفضل جي وفات (1011ھہ/1602ع) کان پوءِ اڪبر جي بداعتقاديءَ جو بہ خاتمو ٿي ويو ۽ هو هڪ پاڪ عقيدي واري مسلمان وانگر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. (دائره المعارف اسلاميہ جلد 9 تان اختصار).


هن صفحي کي شيئر ڪريو