دينار مري حاجي

دينار مري، حاجي: مشھور سگهڙ حاجي دينار مري ڳوٺ الھہ بخش مري لڳ ڦلهڏيون، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو هو. ننڍپڻ کان ئي ڏور بيت چوڻ جو شوق هوندو هوس. اڳتي هلي علائقي جي سگهڙن جي صحبت ۾ رهي، سگهڙپائي جي صنفن جي سکيا ورتائين. هو ڳوٺاڻين ڪچهرين ۽ علائقي جي درگاهن تي ملهائجندڙ ڏهاڙن جي سونهن سمجهيو ويندو هو. هن سنڌ توڙي بلوچستان جي وڏن سگهڙن سان مقابلا ڪيا، کيس هنر صنف سميت مختلف صنفن تي دسترس حاصل هئي. سٽاءَ ۽ معنيٰ جي لڪ رکڻ ۾ بہ وڏو ماهر هو. هو پنھنجي وقت جو مڃيل سگهڙ هوندو هو. هن 1935ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو