دينار جي ٽڪري

دينار جي ٽڪري: دينار جي ٽڪري، کيرٿر جبل جو هڪ سلسلو آهي، جا قنبر کان اولھہ طرف 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ديھہ ڪوهستان، يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾ 200 فوٽن جي اوچائيءَ تي واقع آهي. ٻرڙن جو هڪ نيڪ مرد، دينار خان گرميءَ جي موسم ۾ ٻارين ٻچين هن ٽڪريءَ تي رهندو هو، جنهن ڪري هيءَ ٽڪري دينار خان ٻرڙي جي نالي سان منسوب ٿي ويئي. هيءَ ٽڪري دينار خان ٻرڙي 1500ع ڌاري آباد ڪئي.
هن ٽڪريءَ ڀرسان ٻرڙا برادريءَ جا اٽڪل 50 گهر آباد آ هن. اهو ڳوٺ دينار خان ٻرڙي جي نالي سان مشھور آهي. سندن آبادي اُٺي تي ٿئي ٿي. سمن جي دور ۾ ارغونن ۽ مغلن جون چڙهايون اڪثر ڪاڇي جي جابلو لڪن ۽ لنگهن کان ٿينديون هيون. حملي آورن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمن جي حڪومت طرفان انهن تي بھادر ۽ ويڙهو قبيلن کي ويهاريو ويندو هو، جن ۾ ٻرڙا بہ شامل هئا. سمن جي دور ۾ هيءَ ٽڪري ۽ لنگهہ ٻرڙن جو دفاعي مورچو رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو