ديسي 1 (سُر): ديسي، ڪلاسيڪل راڳ جي راڳڻيءَ کان سواءِ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سسئيءَ جي پنجن سُرن مان هڪ سُر بہ آهي، جيڪو ستن داستانن تي مشتمل آهي. هن سُر ۾ شاھہ لطيف رح سسئيءَ پاران پنھون پٺيان هلڻ، ڪشالا ڪرڻ ۽ سُور سختيون سهڻ، ڏيرن پاران پنھون کي وٺي ڪيچ مڪران هليو وڃڻ جهڙن مضمونن سميت پنهونءَ پڄاڻان سسئيءَ جون پنهنجو پاڻ سان ورونهن واريون نفسياتي ڪيفيتون سمايل آهن. هن سُر جي داستانن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
داستان پهريون: سُر ديسيءَ جو هيءُ داستان 22 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. هن داستان جي مرڪزي مضمونن ۾ ڀنڀور ۾ ڏيرن جو ڏاگهن تي اچڻ، پنهونءَ کي پاڻ سان نيڻ ۽ سسئيءَ جو ڏکن ڏولائن ۾ پوڻ وغيرہ شامل آهن. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏُک،
سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي!
داستان ٻيو: هن داستان ۾ 14 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هيءُ داستان سسئيءَ وٽ ڏيرن جي اچڻ ۽ پنهونءَ کي پاڻ سان کڻي وڃڻ، سسئيءَ پاران پنھون سان ملڻ جي آس کڻي پنڌ ۾ نڪري پوڻ، پنهونءَ لاءِ آزيون نيازيون ڪرڻ جي موضوع تي آڌاريل آهي. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
پُڻُ ٿا پلاڻين، اوٺي اڄ اُٻاکرا،
پَھ پاريسيون پاڻ ۾، ڏير ڏهاڻي ڏين،
هوت پنھون ٿا نين، ٻاروچِي ٻولي ڪيو.
(بيت: 1490)
داستان ٽيون: هيءُ داستان 15 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سسئي صدا ڪري ٿي تہ اي ڌڻي! شال ڪنهن پر ساٿ ۽ ساٿ ڌڻيءَ (پنھون) کي ڏسان. هن سُر ۾ شاھہ لطيف وڇوڙي عيوض محبوب جي وڇوڙي ۾ بيحال سسئيءَ جون ڪيفيتون بيان ڪيون آهن. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون مُيُون،
واٽون ويھہ ٿيون، ڪُھ ڄاڻي ڪيهي ويا.
داستان چوٿون: هيءُ داستان 13 بيتن ۽ ٻن واين تي مشتمل آهي. هن داستان ۾ سسئي پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ٿي ڪري تہ پهڻن ۾ پنڌ ڪندي منهنجا پيرَ پِٿون ٿي پيا آهن، پر پهڻن کي ڪهڙي پروڙ! شايد آءٌ (سسئي) پنهونءَ جي لائق نہ هئس، تنهنڪري هوت مون کي ڇڏي هليو ويو. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هن ريت آهي:
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏَير ڏمر،
هاڻي ٿيو حشر، پُنا قول قيام جا.
(شاھہ جو رسالو: ڪلياڻ آڏواڻي)
داستان پنجون: هيءُ داستان 12 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. هن داستان ۾ سسئيءَ جي سورن جو ذڪر ڪيل آهي. هن اهي سور سَٺا، جيڪي زمين ۽ آسمان جي جاندارن جي سرگردانيءَ کان سوايا آهن. انهن سورن هوندي بہ سسئيءَ جا حوصلا جبلن، ٽڪرن کان بہ اتاهان آهن. سسئي اهي لڪ لنگهيا ۽ جبل اورانگهيا، جن مردن کي بہ مات ڪري ڇڏيو هو. هن داستان ۾ شاھہ لطيف، سسئيءَ جي اڏولتا، مقصد لاءِ مضبوطيءَ سان ڏکيو سفر طئي ڪري سگهڻ واري خصلت کي چٽيو آهي. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا،
جبل وڏو جو، نِوڻ مڙوئي نينھن کي.
(شاھہ جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي)
داستان ڇهون: هن داستان ۾ 22 بيت ۽ ٻہ وايون شامل آهن. هن داستان ۾ سسئيءَ جي انهن تڪليفن جو ذڪر آهي، جيڪي کيس پنهونءَ کي ڳوليندي ۽ ان جي ساٿ پويان هلندي هن کي تڪليفون پيش آيون. ان سفر دوران سسئيءَ کي گهڻيون ئي اوکايون پيش آيون، جن جو ذڪر لطيف سائين هر سُر ۾ نهايت دردمند ڪيفيت ۾ ڪيو آهي. پنهونءَ کي ووڙڻ واري پنڌ ۾ لطيف سائينءَ، سسئيءَ کي جبلن جا اڀا لڪ، چاڙھہ، ڏاڪا، ونگا ور وڪڙ طئي ڪندي، اُڪاريندي ڏيکاريو آهي. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
آڏ تراڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا،
وٺي ور واٽ ٿيا، بر چڙهي باڪا،
ڦٽيا پير فقير جا، چڙهندي چڙهاڪا،
هُين جيءَ اندر جاڪا، ويا پڄائي پانهنجي!
(شاھہ جو رسالو: ڪلياڻ آڏواڻي)
داستان ستون: هيءُ سُر ديسيءَ جو آخري داستان آهي. هن داستان ۾ 20 بيت ۽ ٻہ وايون شامل آهن. هن داستان ۾ سسئي، ڏيرن جا پنھنجي ٻوليءَ (بلوچڪيءَ) ۾ چيل گفتا ياد ڪري ٿي، جيڪي هنن سسئيءَ کي ڀنڀور ۾ ڇڏي وڃڻ ۽ پنهونءَ کي پاڻ سان کڻي وڃڻ لاءِ مصلحت ڪندي پاڻ ۾ ڳالهايا هئا. ڏيرن جي ان ڏاڍائيءَ کان بي نياز ٿي پاڻ سان پڪو پھہ ڪري ٿي تہ ڪشالا ڪري بہ وڃي ڪيچ پهچنديس. ان دوران هوءَ سوچي ٿي تہ منهنجو پنھون ڏيرن سان جتان ساٿ لنگهيو هوندو، اتان سڄو ڇپر ۽ ٽڪر هٻڪار سان واسجي ويو هوندو، آءٌ ان هٻڪار پٺيان پئي وينديس. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
بر مڙوئي بوءِ، ڇپر ڇانون مڪيون،
ٻھہ ٻھہ ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙيئي هوءِ،
راڻين وري روءِ، گوندر لٿا گوليين.
[بيت: شاھہ جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي]
هن سُر ۾ شاھہ سائين، سسئيءَ کي پنھون (مقصد) جي حاصلات لاءِ اڏول ۽ مضبوط ارادي وارو ڏيکاري، زندگيءَ کي پختي ارادي سان سڦل ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي.