ديراموڙ

ديراموڙ: ڪشمور کان گڊو بئراج ۽ رحيم يار خان (پنجاب) ويندڙ هيءُ قديم شاهراھہ ڪشمور شھر جي اوڀر ۽ ڀرسان موڙ کائي ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل ويندي آهي. تنهنڪري هن موڙ تي ’ديرا موڙ‘ نالو پيو. ديرا موڙ ڀرسان گڊو بئراج مان نڪرندڙ پٽ فيڊر ڪئنال کان شاهي واھہ جدا ٿئي ٿو. جنهن ۾ پٽ فيڊر ڪئنال بلوچستان ۽ شاهي واھہ سنڌ سيراب ڪري ٿو. ديرا موڙ وٽ ننڍي فوجي ڇانوڻي بہ آهي ۽ اوڀر تي ڪالوني، جڏهن تہ تعلقي آفيسون، هاءِ اسڪول تائين تعليمي ادارا، فلور مل، سيڊ فارم (مشنري)، هوٽلون، تيل ۽ گئس جا پمپ بہ قائم ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو