دو آٻو 3: هيءُ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو دادو شھر کان ڏکڻ ۾ ڇھن ستن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي، جنهن جو ذڪر چچنامي ۾ بہ ملي ٿو. هن ڳوٺ کان درياھہ ٻن حصن ۾ ورهائجي وهندو هو. هڪ درياھہ موجودہ خداآباد جي اوڀر ۾ وهندو هو ۽ هڪ پراڻو درياھہ گچيري واري ڍنڍ وٽان وهندو هو، جنهن مان اُها ڍنڍ ٺھي. تاريخ معصوميءَ موجب اها ان زماني ۾ دادوضلعي جي اولھہ اوڀر ندي پاسي واقع هئي. ان جي ڏکڻ پاسي راجا ڏاهر هڪ قلعو ٺهرايو هو، جنهن جو محافظ جاسين شمني هو. عربن جي لشڪر جڏهن درياھہ پار ڪيو هو، تڏهن پهرين لڙائي ساڻن جاسين ڪئي. دوآٻو ڳوٺ ٻہ درياهيءَ جي وچ ۾ هو. ان ڪري هن درياهي وهڪرن واري تاريخي يادگار ڳوٺ کي دوآٻو سڏيو ويو، جيڪو 712ع جو يادگار ڳوٺ آهي.
دوآٻي ڀرسان هڪ قديم ڍورو ’ڪڍڻ‘ بہ نڪرندو هو. ان لاءِ ٻہ بيت بہ ملن ٿا. ميرن جي دور ۾ دوآبي وارو بند ڀڄي پيو هو، سو سرڪاري ماڻهو ان کي ٻڌڻ لاءِ ڀر وارن ڳوٺن مان ڇيڙون ڪري آيا. ڳوٺاڻن ٻہ ٻہ ٿي جهوليون ڀري گهاري ۾ مٽي اڇلائي هئي. ان ڇيڙ ۾ هڪ مست فقير کي بہ جهلي وٺي آيا هئا، جنهن کان بہ جهوليون اڇلرايون ويون، پر گهارو بند نہ ٿيو ۽ ان بيت چيا، جيڪي هن ڍوري جي ثابتيءَ لاءِ اهم دستاويز آهن:
بايد پيا بند کي دواٻي کان دڙڳ،
جهوليون ڪن جهڙڳ تہ بہ کنيو وڃي خداآباد کي!
-
ڪڍ، ڪو ڪڙڪو، دوآٻو ٿيو دڙو،
پيو جو ڳڙو، سو کنيو ويو خداآباد کي.
درياھہ جا ڇڏيل نياڻ برسات جي پاڻيءَ ۾ وهندا هئا تہ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيندا هئا. سنڌوءَ جا سڪل ۽ ڇڏيل نياڻ بہ ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ واري مستيءَ جا منظر ڏيکاريندا هئا.