دوڙ: دوڙ، نوابشاھہ (بينظيرآباد) ضلعي جو هيءُ شھر ڪنهن وقت سنڌ جو اهم واپاري مرڪز رهيو آهي. هيءُ شھر نوابشاھہ ۽ پڊعيدن جي وچ ۾ ريلوي لائين تي واقع آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي گهڻي تعداد ۾ هندو آباد هئا، جنهنڪري هتي اناج جي واپار جو وڏو مرڪز هو. هن وقت دوڙ کي ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو مليل آهي. دوڙ شھر کان اولھہ اتر طرف چند ميلن جي پنڌ تي مشھور بزرگ ابوالحسن ڏاهريءَ جو مقبرو آهي، جنهن جي مزار تي هر سال عرس لڳندو آهي. هتي ڏاهري، جمالي، زرداري، بروهي، مري، ڪورائي، سومرا ۽ ٻين ذاتين وارا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. دوڙ ۽ پسگردائيءَ ۾ ديني مدرسن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جو جهجهو تعداد آهي. دوڙ ۾ پرائمري توڙي هاءِ اسڪول، بئنڪون ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون قائم آهن. دوڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ بہ قائم آهي.