دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ

دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جو ٻيو نمبر ناول آهي. سندس پهريون ناول ’اوڙاھہ‘ هو. هن ناول ۾ سنڌ جي سماج ۾ 1970ع کان پوءِ آيل تبديلين ۽ بحرانن جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان دور جي ئي ڪجهہ ڪردارن ۽ واقعن جي تسلسل جي آڌار تي هن ناول جو تاڃي پيٽو اُڻيل آهي. جنهن ۾ سجاڳ ۽ ساڃاھہ رکندر نوجوانن جي ذهنن ۾ پيهجي ويندڙ بيچيني ۽ فرسٽريشن جي وڌندڙ ڦهلاءَ جو تذڪرو آهي تہ ٻئي پاسي فيوڊل ۽ وڏيرڪي سماج جي اڏجندڙ گهڻ پاسائين اها عمارت بہ نظر اچي ٿي، جنهن جي بنياد ۾ ويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي سنڌ جي عوام جي ووٽن جي سگهہ ۽ ساٿ موجود آهي.
هن ناول ۾ هڪ شھري پوڙهي شخص جي حيرت موجود آهي، جنهن جو نوجوان پٽ جديد تعليم جي حاصلات کان پوءِ بہ ملڪ جو قانون ٽوڙي ٿو. سندس پڙهيل ساٿي، ڪجهہ دوستن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ايجنسين جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ مٿن ملڪ دشمنيءَ جا الزام لڳن ٿا. پوڙهو شخص نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجن دوست اسيمبلي ميمبرن وٽ بہ وڃي ٿو، پر کيس انصاف پلئہ نہ ٿو پوي. سنڌ جي ان پوڙهي شخص جي روپ ۾، ناول نگار سنڌ جي حيران پريشان عام ماڻهوءَ جو نقش چٽيو آهي، جيڪو نوجوانن جي جدوجھد ۾ پُر اميد آهي.
ڊيمي سائيز جي 217 صفحن تي مشتمل هي ناول، نيو فيلڊس پبليڪيشن 1996ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت 80 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو