دولھہ دريا خان جو تَڪيو

دولھہ دريا خان جو تَڪيو: دولھہ دريا خان جو هي تڪيو لاڙڪاڻي ضلعي جي مشھور ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي باقراڻيءَ ۾ آهي، جنهن کي ’جکرلو‘ بہ چوندا آهن. (اياز ڀاڳت جو مضمون: ’دولھہ دريا خان جو حسب نسب‘) هتي هڪ مقبري ۾ ٻہ علامتي قبرون آهن، جن ۾ ڪو بہ لاش دفن ٿيل نہ آهي، جنهن لاءِ روايت آهي تہ دولھہ دريا خان ٺهرايون هيون، جڏهن تہ دريا خان جي پنھنجي قبر مڪليءَ (ضلعي ٺٽي) ۾ آهي. اها بہ روايت آهي تہ هي دريا خان جو اصلي ڳوٺ هو ۽ هن پنھنجي قبر ڳوٺ ۾ ٺهرائي ڇڏي هئي. هتي واضح رهي تہ تڪيي مان مراد آخري آرامگاھہ نہ وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ دريا خان، مانجهندن (ضلعي ڄام شوري) کان پريان بہ هڪ عمارت جوڙائي هئي، جيڪا روينيو رڪارڊ ۾ ’دريا خان جي مقام‘ جي نالي سان موجود آهي، پر عام ماڻهو ان کي ’دريا خان جي بيٺڪ‘/ اوطاق سڏين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو