
دولتپورشهر جو هڪ ڏيک
دولتپور/ دولتپور صفن (شھر): دولتپور شهر، ضلعي نوابشاھہ جو هڪ تعلقو آهي. هي شھر دولتپور صفن جي نالي سان بہ مشھور آهي. دولتپور صفن نئين جوڙجڪ مطابق ضلعي بينظير آباد (نوابشاھہ) جو چوٿون نمبر وڏو شھر ۽ ٻارهن يونين ڪائونسلن تي مشتمل ٽيون نمبر تعلقو آهي. هي شھر هن کان اڳ تعلقي موري ۾ شامل هو، پر دولتپور کي 1989ع ۾ موري کان الڳ ڪري تعلقي جو درجو ڏنو ويو. شھر دولتپور قومي شاهراھہ تي قاضي احمد ۽ موري جي وچ تي آباد آهي. شھر کي اوڀر طرف کان باءِ پاس آهي. هي شھر ڪڏهن آباد ٿيو ۽ ڪنهن آباد ڪيو، ان لاءِ ڪا واضع تاريخي ڄاڻ ڪانہ ٿي ملي، پر سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي معلومات ملي ٿي، ان جي آڌار تي هن شھر جي ماضيءَ جي تاريخي ڄاڻ ۽ اهميت هن ريت آهي: خيال آهي تہ هي شھر مغلن جي دؤر حڪومت ۾ ’دولت آباد‘ جي نالي سان آباد هو. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ سترهين صديءَ عيسويءَ جي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ ’دولت آباد‘ نالي هڪ شھر جي نشاندهي ٿيل آهي. دولت آباد جي ماڳ جي بيهڪ معلوم ڪجي ٿي تہ پڪ سان اهو دولت آباد جو شھر موجودہ دولتپور صفن ئي معلوم ٿئي ٿو. تاريخي اهڃاڻن ۽ آثارن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو تہ هي شھر سترهين صديءَ عيسويءَ ۾ آباد ٿيو ۽ پنھنجي عروج تي هو. ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ بہ هي شھر دفاعي اهميت وارو رهيو آهي. ان ڳالھہ جي ثابتي تاريخي آثارن مان ملي ٿي، جيڪي دولتپور جي ڀرپاسي ۾ اڄ بہ موجود آهن. انهن آثارن ۾ شھر جي اوڀر طرف مين شاهراھہ ۽ ريلوي لائين جي وچ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اڏايل ڪوٽ يا قلعو اهم آهي. دولتپور صفن ۾ هن قلعي واري هنڌ تي اڄڪلھہ سرڪار اَن جا گدام تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن. هن قلعي لاءِ ڪن محققن جو خيال آهي تہ اهو محمد حسن کهاوڙ تعمير ڪرايو هو، جيڪو هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن جي طرف کان وڙهندي 1783ع ۾ مارجي ويو. کهاوڙ ذات جا ماڻهو اڄ بہ دولتپور شھر ۾ آباد آهن، جيڪي هن وقت پاڻ کي ’گهلو‘ سڏائين ٿا. هڪ روايت اها بہ آهي تہ هي شھر سنڌ جي تاجدار ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هڪ سپھہ سالار سردار دولت خان کهاوڙ ٻَڌايو هو. خود ميان نور محمد ڪلهوڙي جو آرام گاھہ پڻ دولتپور شھر جي اوڀر- اتر جي ڪنڊ تي چئن پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ميان جا قبا (ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس ڪجهہ خانداني فردن جا) ۾ موجود آهي، جنهن کي ميان صاحب پنھنجي حڪمرانيءَ دوران تختگاھہ بڻايو هو. سنڌ جي تختگاھہ جي ويجهو ۽ تاريخي قلعي جي ثابتيءَ کان سواءِ هڪ ٻي ثابتي بہ هن شھر جي قدامت ۽ تاريخي هئڻ جو اشارو ڪري ٿي. مٿي جنهن قلعي جو ذڪر آهي ان جي اولھہ طرف بلڪل ڀرسان شھر جي وچ ۾ مين شاهراھہ جي لڳو لڳ ’مير متاري‘ جي درگاھہ موجود آهي. ’تاريخ ڪلهوڙا‘ جلد پهرئين ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هڪ بااثر وزير، مير متاري جو پڻ ذڪر ملي ٿو. هنن تاريخي ڪڙين کي ملائڻ سان چئي سگهجي ٿو تہ اهو ’مير متارو‘ ساڳيو ڪلهوڙن جو نامور سپھہ سالار ۽ بااختيار وزير سيد لطف ﷲ عرف مير متارو ئي هو، جنهن جي مزار روايتي طور اڄ هڪ ڪامل درويش جي حيثيت وٺي چڪي آهي. مٿين تاريخي حقيقتن کي سامهون رکي چئي سگهجي ٿو تہ دولتپور صفن جو موجودہ شھر تاريخ جي ان دؤر ۾ هڪ اهم حيثيت وارو ۽ وڏو شھر هو. دولتپور جو شھر سنڌو درياھہ جي اوڀر واري ڪپ تي چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آهي. درياھہ جي ڪچي وارو علائقو شھر کان صرف اڌ ڪلوميٽر پنڌ کان شروع ٿئي ٿو. ڪچي جي علائقي ۾ مشھور ڪنداھہ ٻيلو بہ هو (جنهن جو هڪ حصو درياھہ جي ٻئي پاسي سيوهڻ تعلقي ۾ آهي). هي ٻيلو وقت جي بي رحم هٿن وسيلي وڍجي برباد ٿي چڪو آهي ۽ ان تي هاڻي مختلف ماڻهن جا قبضا آهن ۽ اُتي پوک ڪئي وڃي ٿي. شھر جي اولھہ طرف ڪنداھہ ٻيلي کان سواءِ سرڪاري شڪارگاھہ ۽ ديھہ سکپور ۾ درياھہ جا ننڍا ٻيٽ ۽ ڍنڍون موجود آهن. روايت آهي تہ 1932ع ۾ سنڌو درياھہ ۾ وڏي ٻوڏ آئي، تڏهن شھر کان اولھہ ڪچي مان صفن ڳوٺ جا ماڻهو لڏي، اصل دولتپور شھر جي اوڀر ۾ خالي پٽن تي اچي ويٺا، ان وقت کان هي شھر دولتپور صفن سڏجڻ ۾ آيو. معاشي، سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر: مٿي جنهن پتڻ جو ذڪر آهي، اتي صفن نالي ڳوٺ هوندو هو، پتڻ جي ويران ٿيڻ ۽ درياهي اٿل سبب هي ڳوٺ بہ متاثر ٿيو. جتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري اچي دولتپور جي اوڀر طرف آباد ٿيا. جنهنڪري شھر جو اهو حصو ’صفن‘ سڏجي ٿو. اهڙيءَ ريت هن شھر تي ’دولتپور صفن‘ نالو پئجي ويو. ورهاڱي کان اڳ هي شھر وڏي ترقيءَ تي هو. هتي سنڌ جو هندو واپاري طبقو وڏي تعداد ۾ رهندو هو، جنهن جا واپاري لاڳاپا وسيع هئا. دولتپور ۾ سندن ڇڏيل جايون ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ کين فن تعمير سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هي بلند ۽ بالا عمارتون سکئي ستابي هئڻ سان سندن گڏ ثقافتي ذوق کي بہ اجاگر ڪن ٿيون. هي عمارتون فن تعمير جو بھترين نمونو آهن. علم ۽ ادب جي لحاظ کان بہ هي شھر سٺي اوج تي هو. دولتپور ۾ هڪ لائبرري ’اتم فري لئبرري‘ هوندي هئي. جنهن ۾ تمام وڏو علمي ذخيرو هو. ان کان سواءِ هڪ عاليشان تفريح گاھہ بہ موجود هئي. شھر جي ڏکڻ طرف هڪ خوبصورت تلاءُ هو، جنهن ۾ ’سدا سهاڳڻ ڪُور‘ جو پاڻي ايندو هو، جنهن ڪُور تي پوڄا پاٺ بہ ٿيندي هئي. هن تلاءَ جي پاسن کان پڪين سرن جي چاڙهي ٺهيل هئي. اهي علمي ادبي ۽ تفريحي ماڳ تاريخ جي اٿل پٿل سبب ويران ٿي ويا. هي صاف شفاف پاڻيءَ وارو تلاءُ هن وقت سڄي شھر جي گندي پاڻيءَ جي کڏ بنجي ويو آهي. لائبرريءَ جو پورائو گهڻو وقت پوءِ شھر جي نوجوانن ’غلام محمد گرامي لائبرري‘ قائم ڪري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وقت پنجن هزارن کان مٿي ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. لائبرريءَ جي جڳھہ نوجوانن پنھنجي مدد پاڻ هيٺ تعمير ڪرائي آهي.شھر ۾ رهندڙ مکيہ ذاتيون: ڏاهري، هوٿيپوٽا (انڙن جي شاخ)، سيد، ملاح، ماڇي، لانگاھہ، سومرا، ٻرڙا، گهلو (کهاوڙ)، چانڊيا، پيرزادا، اوٺا، راڄپر، عمراڻي، سرهيا، شيخ، جوڻيجا، ڪوري (جيڪي ابڙا ۽ کوکر پڻ سڏائين ٿا)، ڀنڊ، آرائين، خانزاده، قريشي، عباسي، راجپوت، پنهور، ڪاٺيا وغيرہ آهن. شھر جي مکيہ ڪاروباري مرڪز تي اردو ڳالهائيندڙ طبقو حاوي آهي ۽ ڪجهہ سنڌي ڳالهائيندڙ بہ واپار ۽ دڪانداريءَ ۾ مشغول آهن. هتان جي اڪثريت هيٺئين طبقي هاريءَ، مزدور ۽ ننڍي نوڪريءَ پيشہ طبقي سان تعلق رکي ٿي. هن شھر کي نئين نظام هيٺ يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻھراڙيءَ جا ڳوٺ بہ شامل آهن. هي شھر ٽيليفون ذريعي سموري ملڪ سان ڳنڍيل آهي. تعليمي ادارا ۽ ٻيون آفيسون: انگريز دؤر ۾ دولتپور ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ پوليس اسٽيشن قائم ڪئي وئي. هن وقت هن شھر ۾ هڪ هاءِ اسڪول، گرلس هاير سيڪنڊري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، پنج بوائز پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج آهن. هي ڪاليج هتان جي سياسي شخصيت خان محمد ڏاهريءَ جي ٿوري وقت لاءِ وزير تعليم ٿيڻ دوران سندس ڪوشش سان قائم ٿيو. ڪاليج ۾ اسٽاف جي کوٽ آهي ۽ ڪاليج کي پراڻي گرلس هاءِ اسڪول جي جيڪا بلڊنگ ڏني وئي آهي. ان جي حالت بہ بهتر نہ آهي. شھر ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ بہ تعليم جو سلسلو جاري آهي. خانگيءَ طرح ماڊرن گرامر هاءِ اسڪول ۽ برائيٽ فيوچر پبلڪ هاءِ اسڪول کان سواءِ هڪ عدد پرائمري انگلش ميڊيم ’اسڪول لٽل فوڪ‘ نالي سان ڪم ڪن ٿا. ان کان سواءِ ٻہ عدد ڪمپيوٽر سينٽر بہ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪن ٿا. شھر ۾ تعلقي اسپتال بہ آهي، پر ان جي بلڊنگ تمام ناقص آهي. شھر جي اتر طرف تيل ڪمپني پاڪستان اسٽيٽ آئل جو ڊيپو، اوڀر طرف برما شيل جو آئل ڊيپو موجود آهن. تعلقي هيڊڪوارٽر هئڻ ڪري هتي مختيارڪار، اي. ڊي. او روينيو، سول جج، ايڊيشنل سيشن جج، ٽي. پي. او جون آفيسون آهن. شھر اندر ۽ ٻاهر ڪجهہ بزرگن جون مزارون آهن، جھڙوڪ: شھر اندر مير متاري جي درگاھہ کان سواءِ سيد مقيم شاھہ، سيد محبوب شاھہ جون مزارون آهن. شھر جي اوڀر طرف سيد ٻڍل شاھہ ۽ سيد حاجي امين شاھہ جون مزارون آهن. هتي هر سال سيد حاجي امين شاھہ جو عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. شھر جون مشھور شخصيتون: ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هتي ڏاهري سردارن جو وڏو اثر رسوخ هوندو هو. ڪلهوڙا دؤر جو مشھور عالم ميون ابوالحسن ڏاهري، دولت پور علائقي جي سن ساوڙي سان تعلق رکندو هو. خواجہ محمد زمان لنواريءَ جي خاص مريد ميان حاجي صالح ڏاهري دولتپور کان ٻہ ڪلوميٽر اوڀر ۾ گِڙ جي ڀرسان دفن آهي. موجودہ دؤر ۾ دولتپور علائقي ٻہ پي. ايڇ. ڊي اسڪالر پيدا ڪيا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري، جنهن ميون ابوالحسن ڏاهريءَ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي ۽ هن وقت مهراڻ ڪاليج موري جو پرنسپال آهي. ان کان سواءِ ڏاهري خاندان جا سردار رضا محمد ڏاهري، سردار مٺل ڏاهري، سردار خان محمد ڏاهري، ڊاڪٽر بھادر ڏاهري هن علائقي مان سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا، سردار خان محمد ڏاهري ڪجهہ وقت تعليم جو وزير بہ رهي چڪو آهي. دولتپور جي ٻين مشھور شخصيتن ۾ حاجي ڪبير خانزادھہ، سياسي ادبي شخصيت مولابخش ٻرڙو، استاد رجب لانگاھہ مرحول، سيٺ حاجي نور محمد خانزادھہ، عاصم ڪبير خانزاده (سابق ايم. پي. اي)، انجنيئر محمد متين خانزاده، ڊاڪٽر محمد علي لانگاھہ، ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده، ڊاڪٽر سعيد احمد خانزاده، ڊاڪٽر خالد حسين سومرو، سيد علي گوهر شاھہ، وزير حسين لانگاھہ، محمد رمضان ٻرڙو (سنيئر ٽيڪنيڪل سورس آفيسر اينگرو ڪيميڪل پاڪستان)، سيد علي اڪبر شاھہ (سابق ڊائريڪٽر ڪاليجز)، ڪئپٽن ڊاڪٽر عبدالغفور خانزاده، حاجي محمد هاشم ملاح، سيٺ حاجي عبدالله عمراڻي، رجب علي جوڻيجو (جهونو صحافي)، محمد عيسيٰ سومرو (پهريون گرئجوئيٽ)، ڊاڪٽر خليل لاکو، محبوب علي جوکيو، پروفيسر ارشاد اوٺو شامل آهن.