دوزان (ديھہ): ڪراچيءَ جي هڪ ديھہ، جيڪا تپي سونگل، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. هن ديھہ تي هيءُ نالو موکيءَ جي ستن ڀينرن مان هڪ ڀيڻ دوزان جي نالي پويان پيل آهي. هن ديھہ جون حدون هڪڙي طرف نئين سبزي منڊي سپر هاءِ وي تائين تہ ٻئي طرف سچل رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۽ ملير ڪينٽ ڪراچيءَ تائين لڳن ٿيون. ڳوٺ يار محمد جوکئي لڳ هن ديھہ ۾ هڪ پراڻو ايئر بيس بہ آهي، جنهن کي انگريزن ٻي مهاڀاري جنگ دوران استعمال ڪيو هو.