دودو پير قبرستان: پير قبرستان'>دودو پير قبرستان تيرهين چوڏهين صدي عيسويءَ جو آهي. هيءُ مقام آدم پير کان ٽي ميل ڏکڻ- اوڀر ڇبيچي سرڪل، ضلعي لسٻيلي ۾ آهي. هڪ ٽڪريءَ مٿان دودي پير جي چوکنڊي ٺهيل آهي.
هي آدم پير جو سوٽ ۽ ڀيڻويو هو. سندس پيءُ جو نالو باجڪ ۽ ڏاڏي جو نالو اسب هو. روايتن پٽاندر هن کي روحاني راز حاصل هو، پر ماڻهن سان گهٽ ملندو هو ۽ تنھائي پسند هو. ان ڪري سندس وفات کانپوءِ بہ سندس ڀرسان ڪا بہ قبر نہ ٺاهي وئي. باقي قبرستان مزار جي اتر ۾ ڪجهہ پنڌ تي موجود آهي. هن قبرستان ۾ 5 قبرون پٿر جي اڪر سان موجود آهن، جن تي ڪتبا نہ آهن. هتي بلوچن سان گڏ لس ٻيلي جا سنڌي بہ پنهنجا مڙدا پورين ٿا.