دواسازي (Pharmacology): انساني تاريخ ۾ ڪنهن بہ مرض يا زهر جي علاج طور آڳاٽي دؤر ۾ مختلف ٻوٽين کي استعمال ۾ آندو ويو. طب جي علم ۾ جيئن ئي کوجنا جو عمل شروع ٿيو تہ انهن ئي جڙي ٻوٽين کي مختلف مرحلن ۽ طريقن مان گذاري دوائون/ مرهم/ ڦڪيون وغيرہ تيار ڪيون ويون. اهڙي طرح بعد ۾ دواسازي هڪ صنعت جو روپ ورتو. 19 هين صديءَ عيسويءَ کان اڳ صرف اهي ڪيميائي شيون ئي ڪارآمد دوا طور استعمال ڪيون وينديون هيون، جيئن ٻوٽا وغيرہ. سڀ کان اڳ دوا طور آفيم استعمال ڪيو ويو، جيڪو پست يا ڏوڏيءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ ٻوٽي جي صورت ۾ پوکيو ويندو آهي. آفيم سور ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن کي گهڻي هٿي يونانين ڏني. ان کانپوءِ 16هين صديءَ ۾ جڏهن آمريڪا مقابلي لاءِ مشاهدا شروع ڪيا تہ ٻيون بہ ڪيتريون ئي جڙيون ٻوٽيون دوا طور استعمال ٿيڻ شروع ٿيون. 17هين صديءَ ۾ اولهندي يورپ ۾ ڪئين (مليريا جي دوا) دريافت ڪئي وئي. 19هين صديءَ جي شروع ۾ آفيم مان مارفين تيار ڪيو ويو، جنهن بعد اها خبر پئي تہ آفيم الڪلائين خاصيت رکي ٿو ۽ اتان ئي جديد دواسازي جي شروعات ٿي. ان کانپوءِ ڪيميادان ٻيا الڪلائين ڳولڻ ۾ ڪامياب ويا، جن کي الڪلائيڊ جو نالو ڏنو ويو. 1932ع تائين صرف 32 دوائون ئي تيار ٿي سگهيون، جن جي جڳھہ اڄ هزارن دوائن وٺي ڇڏي آهي.
نين دوائن جو ٺھڻ: نئين دوائن جي ٺھڻ وارو عمل نهايت ئي ڏکيو ۽ ڊگهو آهي. سڀ کان پهرين جڏهن ٿيوريٽيڪل تحقيق ۽ تجربن کانپوءِ ڪنهن شيءِ کي يا ان جي جز کي ڪنهن بيماريءَ لاءِ مؤثر تجويز ڪيو ويندو آهي تہ ان شيءِ مان جيترا بہ ٿي سگهن متحرڪ (Active Substance) جزا ڪڍي ليبارٽرين ۾ تيار ڪيا ويندا آهن. ان کانپوءِ ٽن سالن تائين بائلاجيڪل ۽ فارمالاجيڪل پري ڪلينڪ آزمائشون ڪيون وينديون آهن. جنهن کانپوءِ ان جا زهريلا اثر ڏسڻ لاءِ مختلف جانورن تي تجربو ڪيو ويندو آهي. ان مرحلي کانپوءِ مختلف ڪيميائي تجربن ذريعي ان شيءِ جي خوبين ۽ نقصانن ٻنهي کي پرکيو ويندو آهي. ان کان علاوہ بہ دوائن کي ٻين ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي، جيئن ريڊيو آئسوٽوپ ليبلنگ (Radio Isotop Labeling). هن جي ذريعي جسم ۾ دوا جي حرڪت جو پتو پوندو آهي. ان مرحلي مان ئي اڪثر دوائون اڳتي ناهن وڌنديون، جن کي ناڪام قرار ڏنو ويندو آهي. هن مرحلي ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ مرحليوار سڄي ڪارروائي ۽ رپورٽون لکت ۾ ڪنهن مخصوص شخص يا اداري کان چيڪ يا پاس ڪرائبيون آهن. ان بعد ئي بااختيار ادارن کي درخواست موڪلبي آهي تہ ان دوا جي ڪلينيڪل آزمائش جي اجازت ڏني وڃي. هن مرحلي ۾ پنج سال يا ڪيترائي سال لڳي سگهندا آهن.
دوا جي آزمائش لاءِ تجربا: ڪلينيڪل آزمائش جي اجازت بعد ان دوا کي سڀ کان پهرين ڪنهن تندرست جانور تي آزمايو ويندو آهي، جيئن دوا جو گهڻي کان گهڻو ۽ گهٽ ۾ گهٽ مؤثر مقدار معلوم ڪري سگهجي ۽ ان تي ڪنٽرول بہ ڪري سگهجي. ان تجربي دوران جاندار تي مختلف مقدارن ۾ ٿيندڙ/ پوندڙ مختلف اثر بہ نوٽ ڪيا ويندا آهن. انهن سڀني مرحلن جي ڪاميابي کانپوءِ ئي يقيني آزمائش جي ذريعي مريض تي بيماري خلاف آزمايو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ دوا جي آخري شڪل چونڊي ويندي آهي. دوا کي آخري شڪل ڏيڻ بعد بہ ڪيتري ئي عرصي تائين ڪلينيڪل آزمائش جاري رهندي آهي، جنهن ۾ ڏٺو ويندو آهي تہ گهڻو عرصو استعمال ڪرڻ سان اها دوا جسم تي ناڪاري/ زهريلا اثر تہ نہ ٿي ڇڏي يا ان جي استعمال سان ڪينسر يا ٻين بيمارين جي پيدا ٿيڻ جو خطرو تہ ناهي. اهڙي قسم جي مختلف مرحلن بعد دوا وڏي پيماني تي تيار ڪرائي ويندي آهي. جنهن بعد اها صحت اختيارين کان رجسٽرڊ ڪرائبي آهي ۽ پوءِ ئي مارڪيٽ ۾ آندي ويندي آهي، جتان پوءِ اها عوام تائين پهچندي آهي.