
دهليءَ جو درشن

دهليءَ جي لال قلعي جو هڪ منظر
دهليءَ جو درشن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ ۽ سياح، الطاف شيخ جي دهليءَ جي سفرنامي تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ انڊيا بابت تمام سٺي معلومات ڏني وئي آهي، ڪتاب ۾ ليکڪ دهليءَ جي مختلف تاريخي جڳهين، عمارتن، اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ساڻن ڪيل ڪچهرين تي چاليھہ مضمون شامل ڪيا آهن، جيڪي جامع معلومات تي مشتمل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ مضمونن ۾: دهلي جي عمارتن جو سير، دهليءَ جي جهوني ۾ جهوني لائبرري، ڇا دهلي ٺڳن کان مشھور آهي، بالي ووڊ جا ڪجهہ سنڌي، انڊيا بابت ڪتاب ۽ انڊيا جا رائيٽر، انڊيا ۾ سنڌي وغيرہ اهم آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ دهليءَ جي تاريخي ۽ اهميت وارين عمارتن، جڳهين ۽ اتان جي مختلف مشھور شخصيتن جا رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ فوٽو پڻ شامل ڪيا آهن. هيءُ سفرنامو هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ دهلي ويندڙن لاءِ هڪ ’گائيڊ بڪ‘ آهي. چار رنگي ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 375 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2006ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 260 روپيا آهي.