دهلوي عبدالحميد

دهلوي، عبدالحميد: ناميارو چترڪار ۽ مصور عبدالحميد دهلوي، 1925ع ڌاري اتر پرديش جي علائقي فيض آباد ۾ پيدا ٿيو. هن دهليءَ ۾ پنھنجي دؤر جي مشھور خطاط محمد يوسف دهلويءَ کان خطاطي، چترڪاري ۽ مصوريءَ جو فن سکيو. هيءُ خطاطيءَ جي مختلف صنفن: خطِ نسخ، خطِ ثلث، خطِ ڪوفي، خطِ گلزار، خطِ غبار ۽ ٻين ڪيترين تي دسترس رکندڙ فنڪار هو. سندس خطاطيءَ جي چند يادگار نمونن ۾ پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن ۽ سڪن تي ٿيل خطاطي، روزاني جنگ اخبار جو مونوگرام، محمد علي جناح جي مزار تي ٿيل خطاطي نادر فن پارن جي حيثيت رکن ٿا. عبدالمجيد دهلويءَ، چترڪاريءَ ۽ خطاطيءَ جي فن تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب A Treasure of Quranic Calligraphy پڻ لکيو آهي. ان کان سواءِ سندس اردوءَ ۾ لکيل هڪ ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي. عبدالمجيد دهلويءَ کي سندس فني خدمتن جي اعتراف طور حڪومت پاڪستان صدارتي اعزاز ’براءِ حسن ڪارڪردگي‘ ڏنو آهي. پاڪستان جو هي ناميارو خطاط 17 فيبروري 1994ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو