دنيا جون شاعر عورتون

دنيا جون شاعر عورتون

دنيا جون شاعر عورتون

دنيا جون شاعر عورتون (ڪتاب): هـي ڪـتـاب انگـريــزي ڪـتاب (The Penguin Book of Women Poets) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ نامياري ليکڪا ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي مشھور شاعر عورتن جا بھترين نظم شامل آهن. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آهي تہ: ”هن ڪتاب ۾ عيسوي سن کان بہ اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين جي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن ۾ سماجي سطح تي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن جو هڪ لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو.“ هن ڪتاب ۾ سنڌ مان ڪنهن بہ شاعرہ جو شعر نہ هئڻ تي ڊاڪٽر فھميدہ صاحبہ مهاڳ ۾ سنڌي شاعرائن جي شاعريءَ تي تفصيل سان لکيو آهي.
ڪتاب جا ٻہ اکر هدايت بلوچ لکيا آهن، جڏهن تہ ’ڪجهہ نوٽس‘ نامياري شاعر امداد حسينيءَ بہ لکيا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، سال 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 208 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 140 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو