دنياپور2

دنياپور2: ڪنڌڪوٽ تعلقي جي شھر غوثپور ويجهو هڪ قديمي قبرستان آهي. آڳاٽي زماني ۾ جبلن تان ڪٽڪن جي صورت ۾ مري ۽ بُگٽي قبيلن جا ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا هڻڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. ان ڊپ کان شاهوڪار (هندو ۽ مسلمان) پنهنجا پئسا ۽ سون چاندي رات جي وقت هن قبرستان ۾ هٿراڌو قبرون ٺاهي پوري رکندا هئا، تنهنڪري هن مقام تي ’دنياپور‘ نالو پئجي ويو. درياھہ جي سيلاب يا دنيا پوريندڙ ماڻهن جي مري وڃڻ يا نشان وسري وڃڻ ڪري اها دولت هميشہ لاءِ دفن ٿي ويندي هئي. اڄ تائين بہ ڪنهن ميت جي پورڻ لاءِ قبر کوٽيندي ڪڏهن ڪڏهن سون ۽ چانديءَ جا سڪا لڀندا آهن. انگريزن جڏهن سنڌ جي فيلڊ سروي ڪئي هئي تہ هن قبرستان جي نالي پٺيان ديھہ جو نالو بہ دنياپور رکيو ويو. هن تاريخي قبرستان ۾ ’جهامن ڀيو‘ دفن ٿيل آهي، جنهن جي قبر 13 فوٽ ڊگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو