دنب بٺيءَ وارو گرم چشمو: دنب بٺي ۽ ان جي اوسي پاسي واريون ٽڪريون ويران آهن، جتي فقط گرم چشمي واري هڪ اهڙي جاءِ آهي، جتي ڪجهہ رونق آهي. اڳ ۾ هن چشمي ۾ تمام گهڻو پاڻي هوندو هو، جيڪو پير آريءَ جي وڍ واري علائقي جي زمين کي آباد ڪري ٿو. انگريز ليکڪ مئَسن ڪوٽ بلوچ کان 4 ميل پري هڪ گرم پاڻيءَ جي چشمي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هن ڪراچي ڏانهن ويندي جهانگارن ڀرسان پار ڪيو هو. هن جي اتر طرف هڪ ٺڪراٺو ڏٺو هو. شايد اها واهي دنب بٺيءَ جي ٽڪريءَ واري چشمي مان وهي رهي هئي، پر اها ڳالھہ چٽي نہ آهي، تہ هن دمب بٺيءَ وارن کنڊرن جو ذڪر ڪيو آهي يا جهانگارن جي ڀر وارن دڙن جو مئسن ڪوٽ بلوچ کان جيڪو مفاصلو ٻڌايو آهي، سو دنب بٺيءَ سان ويجهڙائي نہ ٿو ڏيکاري، ڇو تہ دنب بٺي ڄاڻايل قافلي واري رستي کان ڪجهہ پري آهي.