
دن/ ڪالر
دن/ ڪالر: ٿر، ڪوهستان ۽ وچولي ۾ جوئر يا ٻاجهريءَ جي سنگ لُڻيل ڪانا گڏ ڪري گڏا ٻڌبا آهن ۽ انهن کي اُڀا بيهاري هڪ ڍڳ ڪبو آهي، جنهن کي ’دَنِ‘ چئبو آهي، جنهن جو جمع ’دنيون‘ ٿيندو آهي. اصطلاحاً: ’دن ڪرڻ‘، جمع ڪرڻ يا گدام ڪرڻ کي چئبو آهي. دن، ڪانن، گاھہَ کانسواءِ کارڪن جي ڍڳ کي بہ چوندا آهن.
ٿر ۽ پارڪر ۾ جوئر، ٻاجهر جي ڪانن کان سواءِ ڊگهي ڪانيءَ وارن گاهن کي سُڪائي، دن ڪري رکندا آهن تہ جيئن سائي گاھہ ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ڏُڪار وقت، اُهو سڪو گڏ ٿيل گاھہ مال کي کارائجي. ٿر ۽ پارڪر ۾ اهڙي گڏ ڪيل گاھہ جي ڍڳ کي دن سان گڏ ڪالر بہ چوندا آهن.