
دلبر چانڊيو
دلبر چانڊيو: ناليواري ڪهاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ براڊڪاسٽر دلبر چانڊئي جو اصل نالو عنايت ﷲ ولد امام بخش چانڊيو هو. سندس جنم 23 ڊسمبر 1972ع تي ڳوٺ ملان چانڊيو (جوابپور چانڊيو)، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي خان، مئٽرڪ گونمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ۽ ماسٽرس (ڪامرس) شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاري ڪئي. سندس ادبي تربيت ناليواري مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي ۽ سرڪش سنڌيءَ جي سرپرستيءَ ۾ ٿي. سندس ڪهاڻيون مختلف سنڌي رسالن ماهوار سنڌ رنگ، هالار، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. دلبر چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو بنيادي ميمبر، سيڪريٽري ۽ ٻين مختلف عهدن تي رهيو. هن ڪجهہ عرصو سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن (سچوا) ۾ صدر ۽ ٻين عهدن تي بہ رهيو. دلبر 1994ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اي ايس آءِ جي ٽيسٽ بہ پاس ڪئي، پر پ پ پ جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري ان تي عمل روڪيو ويو، ۽ 2008ع ڌاري سندن حق ۾ فيصلو آيو. هي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل رهيو. 1996ع ۾ ريڊيو تي اسڪرپٽ رائيٽر، ايڊيٽر، بعد ۾ انائونسر، ڪمپيئر ۽ پوءِ ڊيوٽي آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هي ايف ايم 105 لاڙڪاڻي ۽ ايف ايم گهوٽڪيءَ سان بہ سلهاڙيل رهيو.
27 ڊسمبر 2007ع تي شھيد بينظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو ٻڌڻ بعد سندس طبيعت خراب ٿي پئي. کيس سول اسپتال لاڙڪاڻي داخل ڪرايو ويو. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو. بلڊ شگر جو مرض وڌڻ سبب ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ 26 جنوري 2008ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ آبائي قبرستان ڳوٺ امام بخش چانڊيي ۾ آهي. کيس ماهوار سنڌ رنگ ۽ هالار ڊائجسٽن پاران بھترين ڪهاڻيڪار اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ طرفان بھترين ڪهاڻيڪار اوارڊ، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي طرفان بھترين ڪمپيئر اوارڊ ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ‘جيجل منهنجي قسمت’ نامور ڪهاڻيڪار يار محمد چاندئي، مُرڪ پبليڪيشن شھدادڪوٽ طرفان 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. کيس ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سندس پٽ فيصل چانڊيو سنڌي ادب سان سلهاڙيل آهي.