دلاور علي فقير ’دلاور‘: دلاور علي فقير ’دلاور‘ جو شمار شاھہ عنايت شـهيـد جـي سلسلي جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ’صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ ڄاڻايو آهي تہ: فقير دلاور علي ابن رستم علي روهڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ 1844ع ڌاري ڄائو. سنڌيءَ جا ٻہ درجا اڃا مس پڙهيو هو تہ سندس وڏا لڏي تعلقي ميرواھہ جي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ويٺا، تنهنڪري سندس تعليم اڌ ۾ رهجي وئي. سندس دل ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هئي. تجل ۾ صوفي سلام ﷲ عرف ٿر ڌڻيءَ جي درگاھہ تان منزل مليس، جتي ڪيئي راتيون گذاريائين. دلاور فقير ڳوٺ تجل تعلقي ناري ۾ 1894ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعري تہ ٻين صنفن تي بہ ڪيل آهي، پر اها سڄي گم ٿي وئي. هن وقت سندس شاعريءَ مان فقط ڪجهہ مولود ماڻهن جي زبانن تي رهيا آهن. نموني طور هڪ مولود جا ڪجهہ بند هيٺ ڏجن ٿا:
ساھہ سيد کي منهن جو ساري، شال ڏاتر ڏيھہ ڏيکاري!
وڄڙيون چمڪن بادل برسن، تاڙو خوب تنواري. . .،
گهر تڙ گهوريم ڏونگر ڏوريم، ڪارڻ ڪانڌ ڪوهياري. . . ،
آءُ عجيبا، تن جا طبيبا! مرض وڌي آهيان ماري. . .،
دلاور چئي ويندياس درنه مٽيندياس جاسين رب جياري. . .