دعاءِ مستغاث (ڪتاب): ڪتاب دعاءِ مستغاث، فقير محمد اسماعيل ڪنڀار نقشبنديءَ جو مرتب ڪيل آهي، جنهن جو پبلشر مشھور بزرگ ۽ عالم سيد قمر الزمان شاھہ آهي. هي ڪتاب دعائن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، درود ۽ سلام شامل آهن. هي ڪتاب 135 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جو ڪو بہ هديو نہ آهي.