دعا

دعا

دعا

دعا: دعا خداوند تعاليٰ کان گناهن کان بچاءُ، نعمتن جي نوازش ۽ چڱڀلائيءَ لاءِ گهُري ويندي آهي. دعا کي ۽ انسان جي وچ ۾ رابطي جو آسان وسيلو سمجهيو ويندو آهي. دعا جو مطلب پنھنجي رب کان هر قسم جي ضرورت طلب ڪرڻ آهي. تعاليٰ جو قرآن شريف ۾ ارشاد آهي تہ: ”اي نبي صلي عليہ وسلم! جيڪڏهن منهنجا بندا تو کان منهنجي باري ۾ پُڇن تہ انهن کي ٻُڌاءِ تہ مان انهن کي ويجهڙو آهيان. سڏ ڪندڙ جڏهن مون کي پُڪاري ٿو تہ مان اُن جو سڏ ٻُڌندو ۽ اُن جو جواب ڏيندو آهيان، تنهنڪري انهن کي کپي تہ منهنجي دعوت تي لبيڪ چون ۽ مون تي ايمان آڻين.“ (البقرة: 186) قرآن شريف جي هڪ ٻي آيت جو مفهوم هي آهي تہ: ”جڏهن ٻانهو هر پاسي ۽ هر طرح کان مايوس ۽ لاچار ٿي مون ڏانهن هٿ کڻي مون (ربّ) کي سڏي ٿو (دُعا گهُري ٿو) تہ مان ان جي مشڪلاتن کي حل ڪندو آهيان ۽ ان جي تڪليف دُور ڪندو آهيان.“
حضرت نعمان بن بشير رضہ کان روايت آهي تہ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ دعا عبادت جو مغز ۽ جوهر آهي. تعاليٰ حڪم فرمايو آهي تہ دعا گهرو تہ مان قبول ڪريان. نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن دعا جو طريقو اهو سمجهايو آهي تہ بندي کي گهرجي تہ پهريائين جي حمد ۽ ثنا ڪري، صلوات پڙهي ۽ پوءِ مطلب جي ڳالھہ ڪري.
حضرت شيخ ابو سليمان داراني رحه فرمايو آهي تہ هر عبادت قبول يا نہ قبول ڪرڻ جو اختيار رب تعاليٰ کي آهي. ٻانهي کي اميد رکڻي آهي. حضرت امام فخرالدين رازيءَ جو قول آهي تہ صلوات سڳوري فعل الاهي آهي ۽ استغفار يا دعا انساني فعل آهي. ان ڪري درود پڙهي دعا گهربي تہ اها ترت قبوليت جو درجو ماڻي ٿي.
حضرت بن عمر رضہ'>عبدالله بن عمر رضہ فرمائين ٿا تہ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ اوهان مان جنهن تي دعا جو در کليو، ڄڻ تہ رحمت جو در کليو. حضور پاڪ صلي عليہ وسلم جن فرمايو آهي تہ پنج ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دعا قبول ڪئي وڃي ٿي. (1) مظلوم جي دعا، (2) حج جي مسافر جي دعا، (3) مجاهد جي دُعا، (4) بيمار جي دعا ۽ (5) هڪ ڀاءُ جي ٻئي ڀاءُ لاءِ ان جي غير موجودگيءَ ۾ گهُريل دعا. نبيءَ سڳوري جي امت لاءِ دعا، مرشد جي مريدن لاءِ دعا، استاد جي شاگردن لاءِ دعا، ماءُ پيءُ جي اولاد لاءِ دعا، دوست جي دوست لاءِ دعا، بزرگن جي واسطيدارن، ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ دعا تعاليٰ قبول فرمائي ٿو.


لفظ دعاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو